اسلام آباد – 21 – نومبر (اي پي پي) وز??را??ظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ايف بي آر ۾ سڌارن جا مثبت نتيجا اچي رهيا آهن، عوام جي ٽيڪس تي ڌاڙو هڻندڙن جي خلاف پڪڙ مضبوط ڪئي ويندي، ٽيڪس بيس ۾ اضافي جي لاءِ حڪومت ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي ??هي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايف بي آر جي سينيئر آفيسر سان ڳالهائي??دي ڪيو جنهن وز??را??ظم هائوس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وز??را??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ايف بي آر جي سينيئر آفيسر اعجاز حسين کربين رپين جي سيلز ٽيڪس فراڊ جي ڪوشش جي وقت سر نشاندهي ڪ??دي ڪارروائي ڪئي. وز??را??ظم محمد شهباز شريف اعجاز حسين جي فرض شناسي کي ساراهي??دي سندس ايمانداري جي اعتراف ۾ ان جي لاءِ 50 لک رپين جي انعام جو اعلان ڪيو. وز??را??ظم محمد شهباز شريف اعجاز حسين جي فرض شناسي تي کيس اعزازي شيلڊ پڻ ڏني. وز??را??ظم ان موقعي تي چيو ته پاڪستان ۾ فرض شناس آفيسرن ۽ پنهنجي پيشي سان مخلص باصلاحيت ماڻهن جي کوٽ نه آهي، ضرورت ان ڳالهه جي اهي ته اهڙن ايماندار ماڻهن جي حوصلا افزائي ڪئي وڃي. وز??را??ظم ايف بي آر سڌارن جي مثبت نتيجن تي اطمينان جو اظهار ڪ??دي چيو ته پاڪستان جي غريب عوام جو ٽيڪس چوري ڪرڻ ۽ انهن جي مدد ڪندڙن جي نشاندهي ڪري انهن کي سخت کان سخت سزا ڏياري ويندي، غريب عوام جي ٽيڪس تي ڌاڙو هڻندڙن جي خلاف قانون جي پڪڙ کي وڌ??ڪ مضبوط ڪيو ويندو. هن چيو ته اعجاز حسين ان احسن قدم سان ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪئي آهي جيڪو ساراهه جوڳو آهي. وز??را??ظم هدايت ڪئي ته ايف بي آر ٽيڪس فراڊ جي ان ڪڌي ڪوشش جي تفصليي جاچ کانپوءِ ذميوارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي. هن ايف بي آر ٽيڪس فراڊ ۾ ملوث عنصرن ۽ انهن جي مدد ڪندڙن کي سزا ڏيارڻ جي لاءِ بهترين قانوني ٽيم جون خدمتون حاصل ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وز??را??ظم کي ٻڌايو ويو ته سيلز ٽيڪس چوري جي لاءِ 80 سالن جي عورت جا دستاويز استعمال ڪيا ويا، 4 مارچ 2024ع تي ايف بي آر جي سينيئر آفيسر اعجاز حسين ٽيڪس فراڊ جي ان ڪوشش جي نشاندهي ڪئي، سيلز ٽيڪس فراڊ جي ان ڪوشش ۾ شروعاتي طور تي 37 ڪروڙ منتقل به ٿيا جنهن جي ريڪوري جو عمل جاري آهي. وز??را??ظم کي ٻڌايو ويو ته ٽيڪس فراڊ جي ڪوشش ۾ ملوث مرڪزي جوابدار گرفتار ڪيو ويو آهي. وز??را??ظم حڪم ڏنو ته تفصيلي جاچ کانپوءِ ٽيڪس فراڊ جي ڪوشش ۾ مبينا سهڪار ڪندڙ ايف بي آر جي عملدارن جي نشاندهي ڪري انهن کي به سخت سزا ڏياري وڃي. وز??را??ظم چيو ته ملڪي معيشت جي ترقي جي لاءِ ٽيڪس بيس ۾ اضافي جي حوالي سان ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي ??هيا آهيون، ايف بي آر جي سڌارن ۽ مڪمل ڊيجيٽائيزيشن سان مستقبل ۾ پڻ اهڙي قسم جي ڪاررواين جي روڪٿام ٿي سگهندي.