اسلام آباد – 19 نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ ايشيائي ترقياتي بئنڪ ??وسمياتي تبديلين جي قدمن ۽ آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ فنانسنگ جي سلسلي ۾ 50 ڪروڙ ڊالرن جي ??عا??دي تي صحيحُون ڪري ڇڏيُون آهن. ??عا??دو ڪلائيميٽ اينڊ ڊزاسٽر ريزيلينس اينهانسمينٽ پروگرام تحت ڪيو ويو آهي. ??عا??دي تي صحيحن واري تقريب اقتصادي ??عا??لن واري وزارت ۾ منعقد ٿي. ان کان اڳ اقتصادي ??عا??لن واري وف??قي وزير احد خان چيمه ان ??عا??دي جي منظوري ڏني هئي. اقتصادي ??عا??لن واري سيڪريٽري ڊاڪٽر ڪاظم نياز ۽ پاڪستان ۾ ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ايمافان ??عا??دي تي صحيحي ڪئي. ان موقعي تي پاڪستان ۽ اي ڊي بي جا سينئر عملدار ??ڻ موجود هئا. وف??قي وزير احد خان چيمه چيو آهي، ته ??عا??دي سان پاڪستان جي موسمياتي تبديلين جي قدمن کي ترجيح ڏيڻ ۽ ڊزاسٽر رسڪ فنانسنگ کي هڪ مربوط حڪمت عملي تحت وڌائڻ جي عزم جي عڪاسي ٿي رهي آهي. وزارت جي سيڪريٽري ۽ اي ڊي بي جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ان موقعي تي چيو ته ??عا??دي جو مقصد پاڪستان جي موسمياتي تبديلين سان هڪجهڙائي پيدا ڪرڻ ۽ قدرتي آفتن جي خطرن کي گهٽائڻ جي صلاحيتن کي مضبوط بڻائڻ آهي. هن ٻڌايو ته پروگرام جو بنيادي مقصد اداراجاتي فريم ورڪ کي بهتر بڻائڻ آهي ته جيئن ڊزاسٽر رسڪ ميپنگ، رسپانس ڪو آرڊينيشن ۽ صنفي حساسيت تي ٻڌل سرڪاري سيڙپڪاري ۾ بهتري آڻي سگهجي. ??عا??دي تحت پاڪستان ۾ موسمياتي تبديلين جي اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ مالياتي ۽ فني ??عا??نت فراهم ڪئي ويندي جنهن ذريعي خطرن جو اثرائتي انداز ۾ ڪاٿو لڳائي سگهبو. ان کي منهن ڏيڻ لاءِ مربوط قدم کڻي سگهبا.