رياض – 11 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ڏهاڪن تي ٻڌل ڀائراڻا لاڳاپا هر گذرندڙ ڏينهن سان گڏ وڌيڪ مضبوط ٿي رهيا آهن، سعودي عرب هر مشڪل وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي، پاڪستان جي هنرمند ??فرادي قوت جي لاءِ سعودي عرب ۾ روزگار جي موقعن جي حوا??ي سان جلد وڏي اڳڀرائي متوقع آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان سعودي عرب جي سيڙپڪاري واري وزير خالد بن عبدالعزيز الفالح ۽ ايڊوائيزر رائل ڪورٽ محمد التويجري عرب – اسلامڪ سمٽ جي موقعي تي ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تازي اقتصادي تعاون جي حوا??ي سان اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ڏهاڪن تي ٻڌل ڀائراڻا لاڳاپا آهن جيڪي هر گذرندڙ ڏينهن سان گڏ وڌيڪ مضبوط ٿي رهيا آهن، سعودي عرب هر مشڪل وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي. وزيراعظم خادم حرمين شريفين شاهه سل??ان بن عبدالعزيز ۽ سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سل??ان جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن چيو ته فيوچر انويسٽمينٽ انيشي ايٽو فورم جي موقعي تي سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سل??ان سان ملاقات انتهائي لاڀائتي رهي. وزيراعظم چيو ته سعدوي سيڙپڪاري واري وزير جو تازو پاڪستان جو دورو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سيڙپڪاري ۽ معاشي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي حوا??ي سان هڪ اهم سنگ ميل هو. وزيراعظم ان ڳالهه تي اطمينان جو اظهار ڪيو ته سعودي سيڙپڪاري واري وزير جي پاڪستان جي دوري ۾ تعاون جي 2.8 ارب ڊالر جي جن مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون ٿيون انهن ??ان 8 تي ڪم شروع ٿي چڪو آهي. وزيراعظم عرب – اسلامڪ ملڪن جي غيرمعمو??ي سربراهي اجلاس جي انعقاد تي سعدوي قيادت کي خراج تحسين پيش ڪندي شاندار ميزباني تي سعودي حڪومت جا ٿورا مڃيا. ملاقات ۾ پاڪستان ??ان وڏي انگ ۾ هنرمند ??فرادي قوت جي لاءِ سعودي عرب ۾ روزگار جي موقعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي وزيراعظم چيو ته ان حوا??ي سان جلد هڪ وڏي اڳڀرائي متوقع آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ وسيع تر تعاون عملي شڪل اختيار ڪري رهيو آهي جيڪو انتهائي خوش آئنده آهي. هن چيو ته آڪٽوبر ۾ پاڪ – سعودي بزنس فورم ۾ پاڪستاني ۽ سعودي ڪاروباري ادارن جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه نئين سيڙپڪاري جي راهه هموار ڪئي آهي ۽ پاڪستان سان اقتصادي تعاون کي گهرو ڪيو آهي، خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) جي ذريعي ٿيندڙ اڳڀرائي پاڪستان ۾ غيرملڪي سيڙپڪاري کي تيز ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. وزيراعظم س??ودي قيادت جي ويزن 2030ع کي ساراهيندي پاڪستان پاران ان جي ڀرپور حمايت جي عزم جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته سعودي عرب ۾ رهندڙ پاڪستاني ٻنهي ملڪن جي اقتصادي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي پڻ موجود هئا.