بڊاپسٽ- 13 نومبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي سان سوئٽزرلينڊ – يورپي يونين ۽ انٽرنيشنل مائيگر??شن آرگنائيز??شن جي وزيرن ۽ سربراهن ملاقاتون ڪيون جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن، غير قانوني مائيگر??شن ۽ انساني اسمگلنگ روڪڻ جي حوالي سان تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اهي ملاقاتون هنگري جي دوري دوران بڊاپسٽ پراسس جي ستين وزارتي ڪانفرنس جي موقعي تي ٿيون. ملاقات ڪندڙن ۾ سوئٽزرلينڊ جو مائيگر??شن وارو وزير ڪرسٽين شرنربورنر ۽ يورپي يونين جي مائيگر??شن ۽ گهرو معاملن جو سربراهه جوهانس لچنر، انٽرنيشنل سينٽر فار مائيگر??شن پاليسي ڊولپمينٽ جو سربراهه مائيڪل اسپينڊ ليگر شامل هئا. گهرو وزير محسن نقوي غير قانوني مائيگر??شن ج?? روڪٿام لاءِ گڏيل قدم کڻڻ جي ضرورت تي زور ڀريندي چي?? ته انساني اسمگلنگ گهڻ رخي چئلينج بڻجي چ??و آهي. انٽرنيشنل مافياز جي ڳٺ جوڙ سان ڪو به ملڪ اڪيلو نٿو منهن ڏئي سگهي. عالمي چئلينج کي منهن ڏيڻ لاءِ عالميگريت پاليسي اختيار ڪرڻي پوندي. هن چي?? ته غير قانوني مائيگر??شن ۽ انساني اسمگلنگ ج?? روڪٿام لاءِ يورپي يونين ۽ مائيگر??شن پاليسي ڊولپمينٽ جي تعاون جي آجيان ڪندا. اڄ اسان پائيدار قدم کڻي نئين نسلن لاءِ بهتر مستقبل ڇڏي سگهون ٿا. ان ڏس ۾ گڏيل وفدن جي مٽاسٽا ۽ ادارن جي صلاحيت وڌائڻ لاءِ سهڪار وڌائڻو پوندو. لاڳاپيل ادارن جي آفيسرن جي خصوصي تربيت لاءِ سوئٽزرلينڊ – يورپي يونين ۽ انٽرنيشنل مائيگر??شن پاليسي ڊولپمينٽ جو تعاون ضروري آهي. ٽنهي وفدن گهرو وفاقي وزير محسن نقوي کي گڏيل سهڪار وڌائڻ لاءِ تعاون جي خاطري ڪرائي. ان موقعي تي هنگري ۾ پاڪستان جو سفير آصف حسين ميمڻ ۽ لاڳاپيل سفارتڪار به موجود هئا.