اسل??م آباد – 29 – آڪ??وب?? (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب جي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي اسل??م آباد کان رياض روانو ٿي ويو. وزيراعظم رياض ۾ 29 کان 31 آڪ??وب?? تي ٿيندڙ اٺين فيوچر انويسٽمينٽ انيشي ايٽو ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندو. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ”لامحدود آفتون: ايندڙ سڀاڻي جي تعمير جي لاءِ اڄ جي سيڙپڪاري“ جي موضوع تي ٿيندڙ اٺين فيوچر انويسٽمينٽ انيشي ايٽو ڪانفرنس ۾ پاڪستان سميت سڄي دنيا جا ملڪ شريڪ ٿيندا. شريڪ ملڪ پنهنجي معيشت جي خصوصيتن تي روشني وجهندي سيڙپڪاري جي فروغ ۽ پائيدار مستقبل جي لاءِ مشاورتي عمل جو حصو بڻجندا. فيوچر انويسٽمينٽ انيشي ايٽو ڪانفرنس ۾ مصنوعي ذهانت، روبوٽڪس، تعليم، توانائي، خلا، صحت ۽ پائيدار ترقي جي حوالي سان دنيا کي درپيش مسئلن جي حل جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ۽ مشاورت ٿيندي. پنهنجي ٻن ڏينهن جي سعودي عرب جي دوري ۾ وزيراعظم جي سعودي اعليٰ قيادت سان ملاقات پڻ ٿيندي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان س??ن به ملاقات متوقع آهي. ان ملاقات ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ موجوده ٻطرفن لاڳاپن خاص طور تي واپار، توانائي، معدنيات، زراعت ۽ دفاع جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي. وزيراعظم جي اٺين فيوچر انويسٽمينٽ انيشي ايٽو ۾ شرڪت ڪندڙ عالمي اڳواڻن س??ن به ملاقاتون متوقع آهن. دفاع ??ار?? وفاقي ??زير خواجه محمد آصف، ناڻي ??ار?? وفاقي ??زير محمد اورنگزيب، نجڪاري ??ار?? وفاقي ??زير عبدالعليم خان، پيٽروليم ??ار?? وفاقي ??زير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، واپار ??ار?? وفاقي ??زير ڄام ڪمال خان ۽ اطلاعات ۽ نشريات ??ار?? وفاقي ??زير عطاءُ الله تارڙ پڻ وزيراعظم سان گڏ آهن.