اسلام آباد-24 آڪٽوبر (اي پي پي)رٿابندي، ترقي ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير احسن اقبال جي صدارت هيٺ اجلاس منعقد ڪيو ويو جنهن ۾ زرعي زمي?? کي رهائشي مقصدن جي استعمال لاءِ جامع فريم ورڪ تيار ڪرڻ جي هدايت ڪندي ان حوالي سان گڏيل اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ ۽ ترقي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ حڪمت عملي تيار ڪرڻ تي زور ڀريو. اجلاس ۾ چئني صوبن جي مختلف کاتن جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪ??ي، جتي زمين جي استعمال کي باقاعده استعمال جوڳو بڻائڻ ۽ رڪارڊ کي ڊجيٽلائيز ڪرڻ جي حوالي سان ڳالهيون ڪيون ويون ته جيئن زرعي زمي?? کي رهائشي مقصد لاءِ اثرائتي طريقي سان استعمال ڪري سگهجي. اجلاس جو مقصد زرعي زمين جي اثرائتي استعمال لاءِ گڏيل اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ هو. اجلاس دور??ن پنجاب جي نمائندن ٻڌايو ته زمين جي رڪارڊ جي ڊجيٽلائيزيشن جاري آهي جڏهن ته 11 شهرن جا ماسٽر پلان ڊسٽرڪ پلاننگ اينڊ ڊزائين ڪميٽي مان منظور ڪرايا ويا آهن ۽ باقي منصوبا نومبر جي پڄاڻي تائين مڪمل ٿيڻ جو امڪان آهي. سنڌ جي نمائندن اجلاس دوران ٻڌايو ته ڪراچي جي ماسٽر پلان جي تياري آخري مرحلي ۾ آهي جڏهن ته ڪي پي ڪي جي نمائندن جو چوڻ هو ته 6 شهرن لاءِ ماسٽر پلان تيار ڪيا ويا آهن ۽ انهن تي عملدرآمد لاءِ وڌيڪ هدايتن جو انتظار آهي. وفاقي حڪومت کي هدايت ڏني وئي آهي ته زرعي زمي?? کي رهائشي مقصدن لاءِ باقاعدگي طور تي تبديل ڪرڻ لاءِ جامع فريم ورڪ تيار ڪيو وڃي. جنهن ۾ صوبن جون تجويزون پڻ شامل ڪيون وڃن،.