راولپنڊي-09 آڪٽوبر (اي پي پي) اينٽي نارڪوٽڪس فورس تعليمي ادارن ۾ منشيات جي فراهمي خلاف پنجن ڪاررواين دوران 94 لک روپين جي ماليت جي منشيات هٿ ڪري 4 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. اي ا??ن ايف هيڊڪوارٽر راولپنڊي مان جاري ڪيل رپورٽ موجب رنگ روڊ پشاور تي حيات ??با?? ٽول ??لا??ه ويجهو جوابدارن وٽان 1500 نشي جون گوريون هٿ ڪيون ويون، جڏهن ته ايبٽ ??با?? ۾ مري روڊ تي موٽرسائيڪل سوار جي قبضي مان 500 گرام چرس هٿ آيو آهي. هوڏانهن ٽنڊوڄام حيدر??با?? ۾ يونيورسٽي ويجهو موٽرسائيڪل سوار وٽان 7 ڪلوگرام چرس هٿ ڪيو ويو. ترجمان ٻڌايو ته گرفتار جوابدارن تعليمي ادارن ۾ شاگردن کي منشيات وڪرو ڪرڻ جو اعتراف ڪيو آهي. رپورٽ موجب ٻين ڪاررواين ۾ موٽر وي ٽول ??لا??ه ويجهو گاڏي مان 12 ڪلوگرام چرس هٿ آيو آهي، جڏهن ته هڪ جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي، اوڪزئي ۾ افغان ڪئمپ ويجهو بيٺل موٽرسائيڪل مان 24 ڪلوگرام چرس هٿ ڪيو ويو. اي ا??ن ايف جي ترجمان ٻڌايو ته گرفتار جوابدارن خلاف منشيات جي روڪٿام واري ا??ڪٽ موجب ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي.