لاهور- 05 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف اتر وزيرستان جي ضلعي اسپين وام و??ري علائقي ۾ خوارجي دهشتگردن خلاف ڪامياب ڪاروائي ۾ 6 خوارجي دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري ڪيل بيان ??وجب وزيراعظم شهباز شريف دهشتگردن جو بهادري سان ??قابلو ڪرڻ دوران جان جو نذرانو ڏيندڙ جوانن کي خراج عقيدت پ??ش ڪيو. وزيراعظم شهيد ٿيل اهلڪارن جي بلند درجن لاءِ دعا گهرندي سندسن ڪٽنبن سان ??مدردي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪ فوج لازوال قربانيون ڏنيو آهن. هن وڌيڪ چيو ته پوري قوم شهيدن کي سلام پيش ڪري ٿي. پاڪ فوج ملڪ مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جو عز م ڪيو آهي.