اسلام آباد – 24 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان لبن??ن جي خلاف اسرائيل جي جارحيت جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته جمهوريه لبن??ن جي خلاف جارحيت جو اهو عمل گڏيل قومن جي چارٽر ۽ عالمي قانونن جي سنگين خلاف ورزي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پار??ن جاري بيان ۾ چيو ويو ته اهو هڪ خطرناڪ اضافو آهي جنهن اڳ ۾ ئي غيرمستحڪم خطي ۾ امن ۽ سلامتي کي وڌيڪ خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي. هن چيو ته پاڪستان لبن??ن جي خلاف اسرائيل جي تازه ترين فوجي جارحيت جي شديد ترين لفظن ۾ مذمت ڪر?? ٿو جنهن ۾ سوين شهرين جو قتل عام ٿيو. ترجمان چيو ته پاڪستان لبن??ن جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي لاءِ پنهنجي مڪمل حمايت جو ورجاءُ ڪر?? ٿو ۽ لبن??ن جي عوام سان يڪجهتي ۽ امن ۽ سلامتي سان رهڻ جي حق جي لاءِ بيٺل آهي. هن عالمي برادري کان مطالبو ڪيو ته اها اسرائيل کي خطي ۾ ??ن جي خطرناڪ مهم جوئي ۽ جارحيت ۽ نسل ڪشيءَ جي ڪاررواين جو گهيراءُ ڪرڻ جي لاءِ فوري قدم کڻي.