اسلام آباد-08 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪ مان پوليو ??ي مڪمل خاتمي لاءِ خاص پوليو جي شروعات ڪري ڇڏي. وزيراع??م آفيس ??ي ميڊيا ونگ مان جاري بيان مطابق وزيراعظم سڄي ملڪ جي 115 ضلعن ۾ پوليو مهم جي شروعات ڪري ڇڏي، جنهن ۾ 5 سالن کان گهٽ عمر جي 3 ڪروڙ ٻارن کي ان موذي مرض کان بچاءَ جي ويڪسين لڳائي ويندي. 9 کان 15 سيپٽمبر تائين ان خاص مهم تحت 2 لک 86 هزار پوليو ورڪرز گهر گهر وڃي ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پيئاريندا. وزيراعظم محمد شهباز شريف پوليو جي روڪٿام واري مهم جي افتتاح ??ي موقعي تي چيو ته پاڪستان مان پوليو جهڙي موذي مرض جي خاتمي لاءِ حڪومت سان سهڪار ڪندڙ شر??ڪتدارن ۽ دوست، عالمي تنظيمن جو ٿورائتو آهيان. هن چيو ته مان اُميد ڪريان ٿو ته وفاقي حڪومت، صوبائي ??ڪومتن ۽ شر??ڪتدارن سان گڏ??ي ملڪ مان پوليو ??ي مڪمل خاتمي ۾ ڪاميابي ماڻيندي. انشاءَ الله پاڪستان مان پوليو جي مڪمل خاتمي لاءِ اسان جون ڪوششون ضرور رنگ لائينديون. وزيراعظم چيو ته وفاقي ۽ صوبائي ??هديدار، پوليو ورڪرز، سيڪيورٽي اهلڪار سڀني کي پوليو جي روڪٿام لاءِ ڪوششن کي خراجِ تحسين پيش ڪريان ٿو. والدين کي گذارش آهي ته پنهنجي 5 سالن کان گهٽ عمر جي سڀني ٻارن کي معذوريءَ کان بچائڻ لاءِ پوليو جا ڦڙا ضرور پيئارين. پنهنجي ٻارن ??ي محفوظ مستقبل لاءِ پوليو جي روڪٿام جي ٽيمن سان ڀرپور سهڪار ڪن. ان موقعي تي وزيراعظم ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پيئاريا. تقريب ۾ وزيراعظم جو صحت بابت ڪوآرڊينيٽر ڊاڪٽر مختار احمد برٿ، پوليو جي روڪٿام لاءِ وزيراعظم جي خاص نمائنده عاشقه رضا فاروق، ڊبليو ايڇ او، يونيسيف، گيٽس فائونڊيشن ۽ گڏيل قومن جي نمائندن ??ان گڏوگڏ اعليٰ اختيارين شرڪت ڪئي.