اسلام آباد-21 آگسٽ (اي پي پي) نجڪاري، سيڙپڪاري بورڊ ۽ مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو آهي ته خساري وارن ادارن جي نجڪاري ڪري ملڪي خز??ني جي بار کي گهٽ ڪرڻو آهي. اهڙو اظهار هن نجڪاري ڪميشن بو??ڊ جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. جنهن ۾ وفاقي سيڪريٽري سميت بورڊ ميمبرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ادارن جي نجڪاري بابت اهم معاملن جي منظوري ۽ ڊسڪوز، ??ي آءِ اي ۽ ٻين ادارن جي نجڪاري جي معاملن تي غور ڪيو ويو. شرڪت ڪندڙن نجڪاري ٿيندڙ ادارن لاءِ فنانشل ايڊوائيزرز جي مقرري ۽ ٻي?? فني معاملن تي اتفاق ڪيو. وفاقي وزير، نجڪاري ڪميشن بو??ڊ جي هن وقت تائين جي ڪارڪردگي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن چيو ته عالمي معيار وارن ادارن کا?? فنانشل ايڊوائيزرز جي شموليت سٺي ڳالهه آهي. اسان کي قومي مفاد ۾ بهتر کان بهتر ۽ ٺوس فيصلا ڪرڻا پوندا. هن چيو ته قومي خز??ني کي تمام گهڻو نقصان ٿي چڪو آهي، هاڻي وڌيڪ مالي دٻاءُ جي سٽ سهي نٿو سگهي، جيڪي ادارا به قاعدن ۽ ضابطن تي پورا لهن ٿا انهن کي نجڪاري جي عمل ۾ ضرور شامل ڪريو. نجڪاري ڪميشن بورڊ ٻين معاملن کانسواءِ بو??ڊ جي گذريل اجلاس جي ڪارروائي جي منظوري ڏني، بورڊ کي نيويارڪ کان ??ي آءِ اي جي روز ويلٽ هوٽل جي فني معاملن ۽ مختلف امڪانن تي بريفنگ پڻ ڏني وئي.