اسلام آباد- 20 آگسٽ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي مستونگ ۾ انٽيلي جنس بيسڊ آپريشن ۾ بي ايل اي جي 3 دهش??گر??ن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز ??ي خراج تحسين پيش ڪيو آهي ۽ دهش??گر??ن خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز جي پيشيوراڻي صلاحيتن کي ساراهيو آهي. گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي چيو ته سيڪيورٽي فورسز ڪامياب آپريشن ڪري ڊپٽي ڪمشنر پنجگور ذاڪر علي جي شهادت جي ذميوار دهش??گر??ن کي عبرتناڪ انجام تائين پهچايو. هن چيو ته پاڪستان جي سيڪيورٽي فور??ز باصلاحيت ۽ پروفيشنل آهن، قوم کي پنهنجي بهادر سيڪيورٽي فورسز تي فخر آهي. هن چيو ته سيڪيورٽي فور??ز بلوچستان ۾ امن لاءِ محنت سان فرض نڀائي رهيا آهن. هن چيو ته بلوچستان ۾ عدم استحڪام جي هر سازش کي ناڪام بڻائينداسين.