راولپنڊي – 13 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ جيولين ٿرور گولڊ ميڊلسٽ ارش?? نديم کي اسلام آبا?? اچڻ تي ڀليڪار چوندي چيو آهي ته ارش?? نديم قومي هيرو آهي، وزيراعظم جي خصوصي دعوت تي کيس اسلام آباد گهرايو ويو آهي. نور خان ايئربيس تي صحافين سان ڳاله??ئي??دي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ارش?? نديم کي خصوصي جهاز جي ذريعي اسلام آباد آندو ويو آهي، ارش?? نديم سرڪاري مهمان آهي، کيس اسٽيٽ پروٽوڪول ڏنو ويو آهي. هن چيو ته ارش?? نديم سان گڏ سندس فيملي ۽ ڪوچ به موجود آهن. وفاقي وزير چيو ته قومي هيرو جي وفاقي گادي واري شهر اچڻ تي خوشي آهي، اڄ وزيراعظم سندس اعزاز ۾ مانجهاندي جو اهتمام پڻ ڪيو آهي. هن چيو ته 14 آگسٽ جي مرڪزي تقريب ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ارش?? نديم گڏجي جهنڊو ڦڙڪ??ئي??دا، ارش?? نديم ٻين شهرن ۾ به آزادي جي ڏهاڙي جي تقريبن ۾ شرڪت ڪندو. ان موقعي تي ڳاله??ئي??دي گولڊ ميڊلسٽ ارش?? نديم چيو ته هو پنهنجي والدين ۽ پوري قوم جو ٿورائتو آهي، قوم جي دعائن سان اڄ وڏي ڪاميابي ملي آهي. هن چيو ته 2012ع ۾ محمد شهباز شريف پنجاب يوٿ فيسٽيول منعقد ڪرايو، پنهنجي پهرين مئچ ان يوٿ فيسٽيول ۾ کيڏي. هن چيو ته ڊپارٽمينٽل اسپورٽس سان رانديگرن جي حوصلا افزائي ٿئي ٿي، 2015ع ۾ واپڊا ۾ شموليت اختيار ڪئي. هن چيو ته اولمپڪس ۾ ڪاميابي جي لاءِ مون تمام گهڻي محنت ڪئي، اڳتي به ملڪ جو نالو روشن ڪرڻ جي لاءِ وڌيڪ محنت ڪندس. هن چيو ته منهنجي ڪوچ سلمان بٽ منهنجي ڪاميابي جي لاءِ تمام گهڻي محنت ڪئي، الله تعاليٰ گولڊ ميڊل سان نوازيو آهي، پاڪستان جي لاءِ وڌيڪ محنت ڪرڻي آهي ۽ پاڪستان جو ڳاٽ فخر سان بلند ڪرڻو آهي.