اسلام آباد -04 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وز??ر سينيٽر محمد اسحاق ڊ??ر اڄ سومر ڏينهن يوم استحصال ??ي موقعي تي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ ڪشمير يڪجهتي واڪ جي قيادت ڪندو. واڪ ۾ پرڏيهي وزارت جي آفيسرن ۽ ملازمن سميت زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهو شرڪت ڪندا. محمد اسحاق ڊ??ر ۽ ٻيا اڳواڻ بعد ۾ خطاب پڻ ڪندا. ٻئي پاسي يوم استحصال ??ي موقعي تي انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽڊيز اسلام آباد 5 آگسٽ جي ڀارت جي غيرقانوني ۽ هڪ طرفي قدمن جي پنج سال ??ي موضوع تي هڪ سيمينار جي ميزباني ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان مماز زهره بلوچ تقريب جي خاص مهمان هوندي.