اسلام آباد – 02 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته فلسطين ۾ صيهوني رياست انسانيت جي خلاف ظلم جي هر ??د پار ڪري چڪي آهي، اسان مطالبو ڪريون ٿا ته معصوم فلسطينين جي فوري طور تي ??نساني همدرديءَ جي بنياد تي ??مداد تائين پهچ يقيني بڻائي وڃي، او آءِ سي جي پليٽ فارم کي وڌيڪ فعال بڻايو وڃي، انصاف جي عالمي عدالت جو فيصلو، گڏيل قومن ۽ سلامتي ڪائونسل جي قراردادن، جنيوا ڪنوينشن ۽ انساني حقن جي تنظيمن جي پڌرنامي، سڄي دنيا پاران جنگبندي جي اپيلن، سڀ ڪجهه ئي بارود جي ور چڙهي چڪو آهي، دنيا تي ??ي حسي ۽ بارود جو راڄ آهي، دنيا جي امن ۽ ترقي کي انهن قدمن کان خطرو آهي، عالمي ادارا ۽ دنيا ان جو نوٽيس وٺن. قومي اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته هڪ اهڙي وقت جڏهن پورو پاڪ??تا?? ۽ اسلامي دنيا تهران ۾ اسماعيل هنيه جي شهادت تي ڳوڙها ڳاڙهي رهي آهي، هي خوش آئنده آهي ته هي معزز ايوان متفقه قرارداد کڻي آيو آهي، ان تي ??ڪمران اتحاد ۾ شامل پارٽين ۽ متحده اپوزيشن سڀني جا ٿورائتا آهيون. هن چيو ته هن ايوان جو ڀرپور آواز دنيا ۾ گونجندو ۽ ان سان پاڪ??تا?? جي دشمنن جُون دليُون ڌُڏي وينديُون ۽ پاڪ??تا?? جي دوستن کي سگهه ملندي. وزيراعظم چيو ته گذريل ڏينهن ان حوالي سان اتحادي پارٽين جو اجلاس به منعقد ڪيو ويو جنهن ۾ انهن ڀرپور رهنمائي فراهم ڪئي. هن چيو ته اسان بهادر فلسطينين سان ڀرپور يڪجهتي ??و اظهار ڪريون ٿا جيڪي تاريخ جي بدترين ظلم، ڏاڍ ۽ سفاڪي کي منهن ڏئي رهيا آهن، فلسطين مقتل گاهه بڻجي چڪو آهي، صيهوني رياست 9 مهينن کان قتل عام ڪري رهي آهي ۽ 40 هزار کان وڌيڪ ٻارن، عورتن سميت فلسطينين کي شهيد ڪيو ويو آهي، اتي ??ون بستيون قبر??تا?? بڻجي چڪيون آهن جتي ٻارن جي کيڏڻ جا آواز ۽ مسڪراهٽون هونديون هيون، اتي ??ڙيون ۽ واڪا آهن، هر ??رف رت انسانيت جي روح کي جنجهوڙي انصاف طلب ڪري رهيو آهي ته هي ظلم ڪڏهن ختم ٿيندو. هن چيو ته ان فلسطيني ڌيءَ جي صدا اسان جي ڪنن ۾ گونجي رهي آهي ته جنهن اهو موقف اختيار ڪيو هو ته اسان کي مسلمان هجڻ، هڪ خدا، هڪ رسول ۽ هڪ قرآن کي مڃڻ جي ڪري ماريو پيو وڃي. وزيراعظم چيو ته هي سوال ان ناانصافي جي ڪري آهي ته اسرائيلي ڏاڍ عالمي ادارن جي قراردادن ۽ عالمي قانونن تي ??مل نه ٿي رهيو آهي، سڄي دنيا جا ڪروڙين مسلمان ۽ هر مذهب سان تعلق رکندڙ اربين انسان به اڄ اهو ئي سوال ڪري رهيا آهن، هي ڪنهن خاص مذهب يا عقيدي جو سوال نه آهي، هي قانون ۽ عدل کي هڪ جهڙو لاڳو ڪرڻ جو سوال آهي، هي ان ٻار جو سوال آهي جنهن کي دنيا ۾ اک کوليندي ئي رت سان وهنجاريو ويو، هي ان ماءُ جو سوال آهي جيڪا اڄ شهادت ماڻي چڪي آهي ۽ ان جي شهادت کانپوءِ ان جي ٻار جنم ورتو. هن چيو ته هي انهن اصولن ۽ قراردادن تي ??ملدرآمد جو سوال آهي جنهن جي لاءِ گڏيل قومن، سلامتي ڪائونسل ۽ انساني حقن جون تنظيمون وجود ۾ آيون هيون. وزيراعظم چيو ته اصل سوال ان انصاف جو آهي جنهن جي سنهري اصولن تي ??نهن جا چارٽر تيار ٿيا، دنيا کي انصاف جو گهوارو بڻائڻ جي نويد ٻڌائي وئي، اڄ انهن انسانن جو رت پڪاري انصاف طلب ڪري رهيو آهي. هن چيو ته اڄ عالمي ضمير پاڻ ڪٽهڙي ۾ ڏوهاري وانگر بيٺل آهي، ان جو هڪ ڏينهن جواب ته ڏيڻو پوندو، جڏهن کلي عام عالمي ضابطن جون ڌڄيون اڏايون وڃن، جڏهن بيگناهه انسانن جون بستيون خاڪ ۽ رت ۾ ڌوتيون وڃن، جڏهن گڏيل قومن ۽ ميڊيا جون آفيسون، اسپتالون ۽ اسڪول درندگي جو نشانو بڻجي وڃن ته اهڙا سوال ته اٿندا، صبر جو پئمانو ته لبريز ٿيندو، فلسطين ۾ صيهوني رياست انسانيت جي خلاف ڏوهن ۽ ظلم جي هر ??د پار ڪري چڪي آهي، انصاف جي عالمي عدالت جو فيصلو، گڏيل قومن ۽ سلامتي ڪائونسل جي قراردادن، جنيوا ڪنيونشن ۽ انساني حقن جي تنظيمن جا پڌرناما، سڄي دنيا پاران جنگبندي جون اپيلون، سڀ ڪجهه بارود جي ور چڙهي چڪو آهي، دنيا تي ??ي حسي ۽ بارود جو راڄ آهي، دنيا خاص طور تي ??سلامي دنيا ۾ شديد ڏک ۽ ڪاوڙ جو لاوو ٻڙڪي رهيو آهي، جيڪڏهن انصاف جون گهرجون پوريون نه ڪيون ويون ۽ بيگناهه انسانن جي قتل عام جي مرتڪب رياست کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ نه آندو ويو ته عوامي ڪاوڙ جي لاوي کي روڪڻ پوءِ ڪنهن جي وس جي ڳالهه نه هوندي، پوري دنيا جو امن ۽ ترقي ان ۾ ختم ٿي وڃڻ جو خطرو موجود آهي. هن چيو ته ڪبوتر وانگر اکيون بند ڪرڻ سان ڪم نه هلندو، 31 جولاءِ تي ??سماعيل هنيه کي ان وقت شهيد ڪيو ويو جڏهن هو تهران ۾ ايران جي نئين چونڊيل صدر جي حلف برداري واري تقريب ۾ شرڪت جي لاءِ موجود هو، هي امن جي ڪوششن جي لاءِ تمام وڏو ڌچڪو آهي. هن چيو ته پاڪ??تا?? جي حڪومت ۽ عوام پاران ان قتل جي شديد مذمت ڪندي شهيد جي گهرڀاتين ۽ فلسطيني عوام سان يڪجهتي ??و اظهار ڪريون ٿا، پاڪ??تا?? عدالت کان مٿانهون ۽ علائقائي حدن جي خلاف ورزي ڪري ڪيل قتل ۽ هر ??رح جي دهشتگردي جي ڀرپ??ر مذمت ڪري ٿو، ان ڪارروائي ۾ جيڪو به ملوث آهي ان کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ گهرجي، صيهوني رياست انهن ڏوهن ۾ ملوث آهي، هي اسرائيل جي بي رحماڻين ڪاررواين جي عڪاسي ڪري ٿي. وزيراعظم چيو ته هن سال 10 اپريل تي ??سماعيل هنيه جا 3 پٽ ۽ 4 پوٽيون شهيد ڪيون ويون، دنيا جي تاريخ ۾ ان کان وڌيڪ ظلم ۽ زيادتي ??و دا??تا?? ٻڌڻ ۽ ڏسڻ ۾ نٿو اچي جڏهن ته ان کان وڌيڪ قربانين جي ٻي ڪا دا??تا?? نٿي ٿي سگهي، تاريخ انهن قربانين کي سنهري لفظن ۾ لکندي ۽ اهي قربانيون ضايع نه وينديون، اهو رت رنگ لائيندو، اسماعيل هنيه پاڻ به شهادت جي بلند ترين رتبي تي فائز ٿي ويو آهي، جيڪا قوم اهڙيون عظيم قربانيون ڏئي رهي هجي ان کي ڪڏهن به شڪست نٿي ڏئي سگهجي. گذريل ڏينهن اتحادي پارٽين جي اجلاس ۾ فلسطينين تي ??لم ۽ ڏاڍ جي مذمت ڪئي وئي، اڄ 2 آگسٽ تي ??ڄي پاڪ??تا?? ۾ سوڳ ملهايو پيو وڃي، اهو به فيصلو ڪيو ويو ته پاڪ??تا?? فسلطين کي امدادي سامان جي فراهمي جاري رکندو ۽ مظلوم فلسطينين جي لاءِ طبي سهولتن جي فراهمي جي لاءِ قدم کڻندو، زخمين کي علاج جي لاءِ پاڪ??تا?? آندو ويندو، اسان فيصلو ڪيو ته فلسطيني شاگردن کي انهن جي تعليم جاري رکڻ جي لاءِ پاڪ??تا?? جي ميڊيڪل ڪاليجز ۾ هنگامي بنيادن تي ??نهن کي داخلا ڏني ويندي. وزيراعظم چيو ته اسان مطالبو ڪريون ٿا ته معصوم فلسطينين جي فوري طور تي ??نساني همدرديءَ جي بنياد تي ??مداد تائين پهچ يقيني بڻايو وڃي، او آءِ سي جي پليت فارم کي وڌيڪ فعال بڻايو وڃي. وزيراعظم چيو ته جمعي نماز کانپوءِ سڄي ملڪ ۾ اسماعيل هنيه جي غائبانه جنازي نماز ادا ڪرڻ جي اپيل ڪئي وئي آهي، فلسطينين سان يڪجهتي ??ي اظهار جي ايوان متفقه قرارداد پڻ منظور ڪئي آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪ??تا?? جي سفارتي پاليسي باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح جي مضبوط موقف جي بنياد تي ??ڄ به جاري آهي.