اسلام آباد – 19 – جولائي (اي پي پي) وزير??عظ?? محمد شهباز شريف چيو آهي ته ابوظهبي پورٽس سان معاهدي کي لاڳو ڪرڻ ۾ هر قسم جي مدد فراهم ڪري ان مان ڀرپور لاڀ پرايو ويندو، ڊيجيٽل ٽيڪنالاجي ۽ ج??يد مشينري سان بندرگاهه تي سامان ۽ ڪنٽينرز جي انتظام کي بهتر بڻايو وڃي. وزير??عظ?? آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزير??عظ?? محمد شهباز شريف سان ابوظهبي پورٽس پاڪستان جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر خرم عزيز خان وفد سان گڏ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وزير??عظ?? کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته ابوظهبي پورٽس پاڪستان ڪراچي بندرگاهه ۾ ايندڙ 10 سالن دوران 250 ملين ڊالر جي سيڙپڪاري ڪندو، 130 ملين ڊالر جي سيڙپڪاري سان تعمير ??يندڙ ج??يد ۽ سمورين ضروري سهولتن سان ليس گهڻ مقصد ٽرمينل ايندڙ ٻن سالن ۾ مڪمل ٿي ويندو. وفد وزير??عظ?? کي ڪراچي بندرگاهه تي ڪنٽينر ٽرمينل جي سهولتن ۾ بهتري جي لاءِ ڪمپني جي سيڙپڪاري تي تفصيلي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ڪنٽينر ٽرمينل جي منصوبي ۾ ايڪس ڪنٽرول، خودڪار گيٽس، برٿ ۾ وڌيڪ 200 ميٽر جي توسيع، ڪرين ريل ٽريڪ ۽ ٻئي انفراسٽرڪچر جي تعمير شامل آهي، ٽرمينل تي نئين انفراسٽرڪچر جي تعمير سان هڪ لک 20 هزار ٽن تائين جا مال بردار جهاز لنگرانداز ٿي سگهندا جنهن سان بندرگاهه تي معاشي سرگرمين ۾ اضافو ٿيندو. وزير??عظ?? چيو ته ڊيجيٽل ٽيڪنالاجي ۽ ج??يد مشينري سان بندرگاهه تي سامان ۽ ڪنٽينرز جي انتظام کي بهتر ڪيو وڃي. هن هدايت ڪئي ته ڪنٽينرز جي نظام کي بهتر ڪري ڪليئرنس جي لاءِ گهربل وقت کي گهٽ کان گهٽ ڪيو وڃي. وزير??عظ?? چيو ته ابوظهبي پورٽس سان معاهدي جو مقصد شفافيت، صلاحيت ۾ اضافي ۽ پورٽ آپريشنز جي بهتري آهي، ابوظهبي پورٽس سان معاهدي کي لاڳو ڪرڻ ۾ هر قسم جي معاونت فراهم ڪري ان مان ڀرپور فائدو کنيو ويندو. وزير??عظ?? ريلوي عملدارن کي منصوبي کي فعال بڻائڻ ۽ ٽرمينل تان سامان جي پهچ کي بهتر ڪرڻ جي لاءِ مال بردار بوگين ۽ ضروري رولنگ اسٽاڪ جي فراهمي جي پڻ هدايت ڪئي.