ڪو??يٽ?? – 08 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بلوچستان جي صوبائي حڪومت تي زور ڏنو آهي ته مشاورت سان م??ئلن جي نشاندهي ڪري ۽ انهن جي حل جي لاءِ ٺوس منصوبابندي ڪئي وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب گورنر هائوس ڪو??يٽ?? ۾ مسلم ليگ (ن) جي پارليامينٽ ميمبرن جي وفد سان مل??قات دوران ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته بلوچستان م??ن چونڊيل نمائندا صوبي جي ترقي جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته بلوچستان ۾ صوبائي اتحادي حڪومت مشاورت سان م??ئلن جي نشاندهي ڪري ۽ انهن جي حل لاءِ ٺوس منصوبابندي ڪئي وڃي. وزيراعظم چيو ته مسلم ليگ (ن) عوامي خدمت تي يقين رکي ٿي، پارٽي جا چونڊيل نمائندا عوامي ڀلائي تي ڌيان ڏين ۽ بلوچستان جي گورنر ۽ وڏي وزير سان م??اورت سان تڪن ۾ ترقياتي منصوبن جي تڪميل ۽ درپيش مسئلا حل ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻن. مل??قات ۾ بلوچستان سان تعلق رکندڙ مسلم ليگ (ن) جي پارليامينٽ ميمبرن سان گڏوگڏ وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، اعظم نذير تارڙ، بلوچستان جو گورنر جعفر خان مندوخيل ۽ پارٽي عهديدار پڻ موجود هئا.