اسلام آباد – 11 – جون (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته پاڪستان هڪ ذميوار ن??وڪ??يئر ملڪ آهي، سمورن پاڙيسرين سان امن چاهيون ٿا، امن کانسواءِ معاشي استحڪام ۽ ترقي ممڪن نه آهي، اسان امن جا خواهشمند ۽ ملڪي ترقي جي لاءِ ڪم ڪرڻ تي يقين رکون ٿا. اها ڳالهه هن مقامي هوٽل ۾ قومي سلامتي ۽ پرڏيهي پاليسي جي رپورٽ جاري ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي چئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته حڪومت جي گذريل ٻن مهين?? جي عرصي دوران پرڏيهي پاليسي اسا?? جي اولين ترجيح رهي آهي. هن چيو ته اسان هڪ ذميوار ن??وڪ??يئر ملڪ آهيون، دنيا ۾ اسا?? جي اهميت کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي. وفاقي وزير چيو ته تازو ئي پاڪستان 182 ووٽ کڻي گڏيل قوم?? جي سلامتي ڪائونسل جو ميمبر چونڊيو جيڪا اسا?? جي پرڏيهي پاليسي جي هڪ وڏي ڪاميابي آهي، اها عالمي سطح تي اسا?? جي اهميت جي عڪاسي ڪري ٿي. هن چيو ته ايران سان اسان جون سرحدون ڳنڍيل آهن، واپار سميت ٻين اهم شعبن ۾ به ايران سان لاڳاپا آهن، ايران اسرائيل ڇڪتاڻ دوران ايران جو مرحوم صدر پاڪستان آيو، موجوده سيڪيورٽي ۽ جيو پوليٽيڪل صورتحال ۾ اها وڏي ڪاميابي هئي ته ايرا?? جي مرحوم صدر پاڪستان سان واپاري ڪاٿي کي 10 ارب ڊالر تائين وٺي وڃڻ جو اعلان ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وچ اوڀر ۾ به اسا?? جي اهميت کي تسليم ڪيو وڃي ٿو، وچ اوڀر اسان کي پنهنجو اتحادي سمجهي ٿو جيڪو اسا?? جي ڪامياب پرڏيهي پاليسي جي عڪاسي ڪري ٿو. هن چيو ته اسان امن ۽ سمورن پاڙيسري ملڪن سان سٺا لاڳاپا چاهيون ٿا. هنرمند افرادي قوت جو ذڪر ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اسان وٽ 68 سيڪڙو نوجوانن تي ٻڌل آبادي آهي، نوجوانن کي هنرمند بڻائڻ اسا?? جي ترجيح آهي، ان حوالي سان ٽيڪنيڪي تعليم تي اسان جو ڌيان آهي ته جيئن اسان پنهنجي ان وڏي هيومن ريسورس جو فائدو پنهنجي پرڏيهي پاليسي ۾ کڻي سگهون ۽ جڏهن معاشي سيڪيورٽي جي ڳالهه هجي ته ان جو اسان کي معاشي فائدو به ٿي سگهي. هن چيو ته 2014ع ۾ جڏهن سي پيڪ جي شروعات ٿي ته چي?? جي صدر 64 ارب ڊالر سيڙپڪاري جي ڳالهه ڪئي. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف هڪ نئين عزم سان چين ويو، ان دوري جو مقصد سي پيڪ جي ٻئي مرحلي جي شروعات هئي. هن چيو ته پاڪستان آءِ ٽي جي شعبي ۾ هڪ وڏي مارڪيٽ آهي، چي?? جي دوري دوران هواوي ڪمپني جي نمائندن سان پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي، هواوي پاڪستان ۾ سيف سٽي جا ٻه پراجيڪٽ اڳ ۾ ئي لڳايا آهن، هواوي اسان کي ساليانو 2 لک نوجوانن کي آءِ ٽي جي شعبي ۾ تربيت فراهم ڪرڻ جي آڇ ڪئي جيڪا بلڪل مفت فراهم ڪئي ويندي. هن چيو ته اسان وٽ ورڪ فورس ۽ ٽيلينٽ موجود آهي، اسا?? جي آءِ ٽي رو??نگ?? واپار ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. هن چيو ته مستقبل آءِ ٽي سان واڳيل آهي، سيڪيورٽي هجي يا معيشت يا بليو اڪانومي، سڀني جو بنياد آءِ ٽي تي آهي. وفاقي وزير چيو ته چي?? جي دوري دوران چي?? جي صدر ۽ وزيراعظم اسان کي ٻڌايو ته هو سي پيڪ جي اپگريڊ ورزن طرف وڃي رهيا آهن، سي پيڪ جي اپ گريڊ ورزن ۾ ٽيڪنالاجي ايڊوانسمنٽ تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي ته پاڪستان ان مان ڪهڙو فائدو حاصل ڪري دنيا کي ڪهڙي طرح فائدو پهچائي سگهي ٿو. هن چيو ته جيستائين هڪ محفوظ ماحول نه هوندو تيستائين نه سيڙپڪاري اچي سگهي ٿي ۽ نه معاشي استحڪام ۽ نه ئي اسان ترقي ڪري سگهون ٿا ۽ ان سان پرڏيهي پاليسي به متاثر ٿئي ٿي. وفاقي وزير چيو ته چي?? جي دوري دوران گوادر پورٽ سميت سيڪيورٽي جي حوالي سان مسئلن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي، وزيراعظم سيڪيورٽي جي حوالي سان يقين ڏياريو ته چائنيز شهرين ۽ ورڪرز جي سيڪيورٽي کي هو ذاتي طور تي يقيني بڻائيندو. هن چيو ته جڏهن بشام واقعو پيش آيو هو ته وزيراعظم پاڻ چيني سفارتخاني ويو ۽ چي?? جي سفير کي چيني شهري?? جي سيڪيورٽي جي خاطري ڪرائي ۽ پوءِ هو بشام ويو ۽ چائنيز انجنيئرز ۽ ورڪرز سان ملاقات ڪئي، انهن جا سيڪيورٽي خدشا ختم ڪيا ۽ انهن کي سيڪيورٽي جي فراهمي جي خاطري ڪرائي. هن چيو ته سيڪيورٽي ۽ معاشي استحڪام اسا?? جي ترجيح آهي ڇو ته اسان پاڪستان کي ان مقامتي پهچائڻ چاهيون ٿا جتي هو اڳ ۾ ڪڏهن هوندو هو. هن چيو ته گذريل ٻن مهينن دوران حڪومت پرڏيهي پاليسي ۾ انتهائي سنجيدگي جو مظاهرو ڪيو، اسان سمورن ملڪن سان سٺا ۽ پرامن لاڳاپا چاهيون ٿا، اسان پنهنجي معاشي بحالي چاهيون ٿا. ڪلائميٽ سيڪيورٽي جو ذڪر ڪندي هن چيو ته ڪلائميٽ سيڪيورٽي اسا?? جي پرڏيهي پاليسي جو لازمي جز آهي، دنيا ۾ ڪاربن اخراج ۾ اسان جو حصو 2 سيڪڙو کان به گهٽ آهي پر ا?? جي 98 سيڪڙو نقصانن کان اسان متاثر ٿي رهيا آهيون، پاڪستان ۾ ٻوڏ سان ماڻهن جا گهر تباهه ٿيا، زراعت تباهه ٿي، چوپائي مال کي نقصان پهتو پر ان ۾ اسان جو ڪهڙو ڏوهه آهي؟ ڪاربن اخراج ۾ اسان جو حصو نه هجڻ جي برابر آهي. هن چيو ته گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل گذريل ٻوڏ جي وقت پاڪستان آيو ۽ متاثر علائقن جو دورو ڪيو ته اسان دنيا کي احساس ڏياريو ته اها اسا?? جي غلطي نه آهي ۽ دنيا جي ٻين ملڪ?? جي ڪري اهي نقصان اسان ڀوڳي رهيا آهيون. هن چيو ته جيڪي ملڪ حقيقت ۾ ڪاربن جو وڌيڪ اخراج ڪن ٿا انه?? جي ذميواري وڌيڪ آهي، عالمي فورمز تي اسان ان مسئلي کي اجاگر ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وز??ر ٻڌايو ته چي?? جي دوري دوران بزنس فورم ۾ 500 شخصيتن شرڪت ڪئي ۽ بي ٽو بي تعاون بابت ڳالهه ٻولهه ٿي، اسان نجي شعبي کي ملڪ ۾ سيڙپڪاري طرف راغب ڪرڻ جي حوصلا افزائي ڪري رهيا آهيون، اسان وٽ سستو ليبر موجود آهي جيڪو چي?? جي لاءِ پڻ لاڀائتو آهي يعني جيڪا پيداواري لاڳت چين ۾ پوي ٿي ان کان گهٽ اسان هتي ڏئي سگهون ٿا. اسا?? جي اسپيشل اڪنامڪ زونز ۾ نجي شعبي جي لاءِ ڪيتريون ئي مراعتون آهن. هن چيو ته اسا?? جي ڪوشش آهي ته پاڪستان ۾ انڊسٽري لڳي، هتان برآمدات ۾ اضافو ٿئي. هن چيو ته هن وقت اسان جو ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو به رڪارڊ سطح تي گهٽ ٿيو آهي، اسا?? جي پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۾ پڻ اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته اسان ڊيفالٽ جي ويجهي پهچڻ کان اڄ هتي پهتا آهيون جنهن ۾ اسا?? جي پرڏيهي پاليسي جو اهم ڪردار آهي. هن چيو ته هڪ وقت اهڙيون حالتون ٿي ويون هيون جو اسا?? جي ايڪسچينج ريٽ ۾ عدم استحڪام هو، ايل سيز بند هيون، پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا گهٽ هئا، ايڪسپورٽرز کي خبر نه هئي ته ان کي ڊالر جي ڪهڙي ريٽ تي ايڪسپورٽ ڪرڻي آهي. هن چيو ته حڪومت جي ڪوششن سان ملڪ هاڻي معاشي استحڪام طرف گامزن آهي، رپئي جي قدر مستحڪم ٿي آهي، پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا به وڌيا آهن، مهانگائي جيڪا گذريل سال 38 سيڪڙو هئي، گهٽ ٿي 11 سيڪڙو تي اچي وئي آهي. هن چيو ته اسان جا اقتصادي انگ اکر بهتري طرف گامزن آهن. هن چيو ته اسان پنهنجي پرڏيهي پاليسي جي ڪري ئي ڊيفالٽ جي صورتحال کي منهن ڏنو. هن چيو ته اسان جتي به وياسين اسان ٽريڊ ناٽ ايڊ جي ڳالهه ڪئي، اسان کي مالي امداد نه واپار گهرجي، اسان قرض نه سيڙپڪاري چاهيون ٿا ڇو ته اسان سيڙپڪاري کي منافعي ۾ بدلائڻ جي صلاحيت رکون ٿا. هن چيو ته سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ ۾ ايس آءِ ايف سي جو وڏو ڪردار آهي، سمورا ادارا، منسٽريز ۽ ڊويزنز هڪ ڇت هيٺ اچي ويا آهن ۽ سيڙپڪارن کي ون ونڊو سهولت فراهم ڪئي پئي وڃي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اسان پاڙيسرين سان پرامن لاڳاپا چاهيون ٿا، اسا?? جي پاليسي ڪاروباري آساني?? جي حوصلا افزائي ڪرڻ آهي ته جيئن سيڙپڪاري ۽ واپار ۾ اضافو ٿئي ۽ اسان جا ماڻهو ان مان فائدو کڻي سگهن. وفاقي وزير چيو ته ٿنڪ ٽينڪس ملڪي خدمت ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن ۽ حڪومت کي رهنمائي فراهم ڪن.