اسلام آباد – 20 – مئي (اي پي پي) وق??ي صدر سيد يوسف رضا گيلاني پاڪستان ملائيشيا تعاون کي گڏيل مفاد ۾ وڌيڪ مضبو?? ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻنهي ڀائر ملڪن جي گڏيل مفاد جي لاءِ ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان ۽ ملائيشيا سمورن عالمي فورمز تي خوشگوار تعاون ڪري رهيا آهن، پاڪستان ملائيشيا تعاون کي گڏيل مفاد ۾ وڌيڪ مضبو?? ڪرڻ جي ضرورت آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب وق??ي صدر سيد يوسف رضا گيلاني رائل ملائيشين نيوي جي سربراهه ايڊمرل تان سري عبدالرحمان بن ايوب سان ڳالهائي رهيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪ بحريه جي سربراهه ايڊمرل نويد اشرف پڻ موجود هو. وق??ي صدر جو ٻنهي ڀائر ملڪن جي گڏيل مفاد ۾ سامونڊي شعبن ۾ تعا??ن جي وڌيڪ راهون ڳولڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي اميد ظاهر ڪئي ته ٻنهي سامونڊي فوجن جي وچ ۾ تربيتي ۽ مٽاسٽا جي پروگرامن سان پاڪستان ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ سامونڊي تعاون کي وڌيڪ سگهه ملندي. وق??ي صدر جو پاڪستان ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ ٻطرفي سامونڊي مشقن ۽ تربيتي تعا??ن جي باقاعده انعقاد تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن ”امن“ مشقن ۾ باقاعده شرڪت تي رائل ملائيشين نيوي کي ساراهيو. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته پاڪستان آسيان جو فل ڊائيلاگ پارٽنر بڻجڻ جي لاءِ ملائيشيا پاران مسلسل حمايت جو منتظر آهي. ان کان اڳ وق??ي صدر خصوصي تقريب دوران رائل ملائيشين نيوي جي سربراهه کي نشان امتياز (ملٽري) جو اعزاز عطا ڪيو. وق??ي صدر ملائيشين نيول چيف کي نشان امتياز (ملٽري) جو اعزاز حاصل ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني. وق??ي صدر ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سامونڊي تعاون وڌائڻ ۾ ايڊمرل جي ڪردار کي ساراهيو. ايڊمرل تان سري عبدالرحمان بن ايوب نشان امتياز (ملٽري) سان نوازڻ تي وق??ي صدر ج?? ٿورا مڃيا.