اسلام آباد – 07 – مئي (اي پي پي) جمهوريه ازبڪستان جو پرڏيهي وزير بختيار سي??وف 8 ۽ 9 مئي تي اسلام آباد جو سرڪاري دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ازبڪستان جو پرڏيهي وزير دوري دوران وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملاقات ڪندو ۽ نا??ب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار سان گڏيل دلچسپي جي وسيع تر ٻطرفن معاملن تي تفصيلي ڳا??هه ٻو??هه ڪندو جنهن ۾ واپار ۽ را??طن تي خاص ڌيان ڏنو ويندو. بيان موجب جمهوريه ازبڪستان جي پرڏيهي وزير جي دوري سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستاڻن لاڳاپن کي نئين تحريڪ ملڻ جي اميد آهي.