اسلام آباد -28 اپريل (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف چيو آهي، ته اس??امي ترقياتي بئنڪ ج?? پاڪستان سان فائديمند شراڪتداري حڪومت جي پائيدار ترقي جي مقصدن کي حاصل ڪرڻ سان گڏوگڏ نئين سر تعمير ۽ روزگار جي فراهمي ۾ مدد فراهم ڪرڻ ۾ سهڪاري ثابت ٿي رهي آهي. اس??امي ترقياتي بئنڪ جاري مختلف منصوبن کي جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن عالمي اقتصادي فورم جي خاص اجلاس جي موقعي تي اس??امي ترقياتي بئنڪ ج?? صدر ڊاڪٽر محمد سليمان الجاسر سان ملاقات دوران ڪيو. گذريل ڏينهن وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي، ته ملاقات ۾ اس??امي ترقياتي بئنڪ ج?? پاڪستان ۾ جاري مختلف منصوبن تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. وز??راعظم پنهنجي اڳوڻي حڪومتي دور ۾ اس??امي ترقياتي بئنڪ طرفان مختلف منصوبن ۾ هڪ ارب آمريڪي ڊالرن جي سيڙپڪاري تي اس??امي ترقياتي بئنڪ ج?? شڪريو ادا ڪيو. هن پاڪستان جي ٻوڏ کان پوءِ بحالي ۾ اس??امي ترقياتي بئنڪ ج?? معاونت کي ساراهيو ۽ ان حوالي سان ڊاڪٽر الجاسر جي ذاتي سهڪار ۽ قائداڻي ڪردار کي تسليم ڪيو. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ اس??امي ترقياتي بئنڪ وچ ۾ سهڪار جا نوان موقعا ڳولهڻ جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. هن چيو ته ملڪ ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري کي صحيح رخ تي آڻڻ ۽ پرڏيهي سيڙپڪارن جي سمورن خدشن کي ختم ڪرڻ ۽ ون ونڊو آپريشنز مهيا ڪرڻ لاءِ خاص سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل پوري طرح سان فعال آهي. اس??امي ترقياتي بئنڪ ج?? صدر چيو ته پاڪستان اس??امي ترقياتي بئنڪ ج?? انتهائي اهم باني ميمبر آهي، الله تعاليٰ پاڪستان کي ڀرپور قدرتي وسيلن سان نوازيو آهي، پاڪستان جي وڏي افرادي قوت مان ڀرپور طريقي سان فائدو کڻي سگهجي ٿو. پاڪستان جي خوشحالي ۽ ترقي لاءِ دعاڳو آهيون. ملاقات ۾ پرڏيهي وز??ر اسحاق ڊار، وفاقي وز??ر محمد اورنگزيب، وفاقي وز??ر عطاء الله تارڙ، مصدق ملڪ، ڄام ڪمال خان ۽ اويس احمد خان لغاري به موجود هئا.