رياض -28 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان رياض ۾ ورلڊ اڪنامڪ فورم جي خصوصي اجلاس جي موقعي تي ڪويت جي امير شيخ مشعل الاحمد الجابر الصباح ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان م??اب?? وزيراعظم پنهنجي ٻيهر چونڊڻ تي امير جي مبارڪن واري خط تي سندس شڪريو ادا ڪيو. شيخ مشعل الاحمد الجابر الصباح کي امير جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪون ڏيندي وزيراعظم ساڻس ملي ڪم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو ته جيئن ٻ?? طرفي لاڳاپن کي ??ڏي?? طور تي فائديمند اقتصادي شراڪتدا??ي ۾ تبديل ڪري سگهجي جيڪو ٻنهي ملڪن جي عوام جي بهترين مفادن ۾ هوندو. پاڪستان ۽ ڪويت نومبر 2023ع ۾ واپار ۽ سيڙپڪا??ي ۾ سهڪار کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ لاءِ ڪيترن ئ?? مفاهمت جي يادداشتن ۽ معاهدن تي صحيحيون ڪيون هيون. ملاقات ۾ ٻه طرفي لاڳاپن کان علاوه علائقائي صورتحال خاص ڪري غزه جي بحران جي حوالي سان به ڳالهيون ڪيون ويون. وزيراعظم ڪويت جي امير کي جلد کان جلد پاڪستان جي سرڪاري دوري ڪرڻ جي دعوت جو ورجاءُ ڪيو.