اسلام آباد – 18 – اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چونڊيل صدر جي حيثيت سان مسلسل ستون ڀيرو پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خط??ب ڪرڻ جو منفرد اعزاز حاصل ڪري ورتو. مارچ 2012ع ۾ بطور چونڊيل صدر آصف علي زرداري نئين پارلياماني سال جي شروعات تي 20 سيپٽمبر 2008ع، 28 مارچ 2009ع، 5 اپريل 2010??، 22 مارچ 2011ع، 17 مارچ 2012ع ۽ 10 جون 2013ع تي پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خط??ب ڪيو هو. ٻيو ڀيرو صدر چونڊجڻ کانپوءِ صدر آصف علي زرداري ڪالهه خميس ڏينهن 16 هين قومي اسيمبلي جي پهرين پارلياماني سال جي شروعات تي پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خط??ب ڪري نئين پارلياماني سال جي شروعات ڪئي.