ڪراچي – 12 – اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ۽ ايران جي صدر سيد ا??راهيم رئيسي جو ٽيليفونڪ رابطو ٿيو، ٻنهي اڳواڻن هڪ ٻئي کي عيدالفطر جي مبارڪباد ڏني، صدر آصف علي زرداري دمشق ۾ ايراني سفارتخاني تي اسرائيلي حملي تي ايراني قيادت ۽ سو??وا?? خاندانن سان دلي تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر غزه ۾ انساني بحران ?? اسرائيلي فوج پاران نسل ڪشيءَ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي فوري جنگبندي جو مطالبو ڪيو. صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان ٻط??في تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ايران سان گڏ ڪم جاري رکندو. صدر ٻنهي ملڪن کي درپيش سيڪيورٽي چئلينجز تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ معلومات جي مٽاسٽا کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. صدر آصف علي زرداري ايراني صدر کي ٻيهر پاڪستان جي دوري جي دعوت پڻ ڏني. هن ايراني صدر ۽ سندس گهرڀاتين جي صحت، تندرستي ۽ خوشين جي لاءِ پڻ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.