اسلام آباد – 16 – فيبروري (اي پي پي) افغانستان جي لاءِ پاڪستان جو خصوصي نمائندو سفير آصف دراني 18 ۽ 19 فيبروري تي قطر جي گادي واري شهر دوحه ۾ افغانستان جي لاءِ خصوصي ايلچين جي اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪندو. ??رڏ??هي آفيس پاران جاري بيان موجب اهو اجلاس گڏيل قو??ن جي سيڪريٽري جنرل پاران گهرايو ويو آهي ته جيئن افغانستان سان عا??مي مشغوليت جي طريقن تي وڌيڪ ٺوس ۽ منظم انداز ۾ خيالن جي ڏي وٺ ڪري سگهجي. بيان موجب اجلاس ۾ پاڪستان جي شرڪت افغانستان ۾ پائيدار امن ۽ خوشحالي جي لاءِ ڪو??شن کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ گڏيل قو??ن سميت عا??مي برادري سان فعال طور شامل ٿيڻ جي اسان جي ڪو??شن جو حصو آهي.