اسلام آباد –07 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته ??نهنجي ??مائندن جي چونڊ عوام جو حق آهي، اسان عوام سان گڏبيٺل آهيون، اليڪشن ۾ فيصلو عوام ڪندي، سمورن خدشن ۽ افواهن کي پٺتي رکندي چونڊون ٿي رهيون آهن، چونڊن جي ??رحلي تائين پهچندي ڪيترائي مسئلا درپيش هئا پر ڪنهن به سبب جي ڪري اسان جو حوصلو ڪمزور نه ٿيو، پاڪستان جي عوام دهشتگردي جي خلاف ڊگهي جنگ وڙهي آهي، ڪير به اسان کي پنهنجي ان جمهوري عمل کان نه ٿو هٽائي سگهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ جي انتظام هيٺ اليڪشن 2024ع جي ڪوريج جي ??اءِ ميڊيا ڪوآرڊينيشن اينڊ فيسلي ٽيشن سينٽر جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته چونڊن جي حوالي سان ماڻهن جي ذهنن ۾ ڪيترائي خدشا هئا، سمورن خدشن ۽ افواهن کي پٺتي رکندي چونڊون منعقد ٿي رهيون آهن. هن چيو ته گذريل سال منهنجي ??هرين پريس ڪانفرنس ۾ مون کان پهريون سوال ئي چونڊن بابت ڪيو و??و هو، ان وقت به اهو ئي چ??و هو ته ??ي ملڪ آئيني جمهوريت تحت قائم آهي، آئيني وفاقي پارلياماني نظام اسان جي سياسي نظام جو بنياد آهي، اليڪش?? ڪميشن جيڪا تاريخي ڏيندي، ان تحت ئي چونڊون ٿينديون. هن چيو ته جڏهن چونڊن جي تاريخ جو اعلان ٿيو ته اسان مستقل مزاجي سان 8 فيبروري 2024ع تي چونڊون منعقد ڪرڻ جي ??وقف تي قائم رهياسين. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته سڀاڻي صبح جو پولنگ شروع ٿيندي ۽ رات جو چونڊن جي غيرسرڪاري نتيجن جو اعلان شروع ٿي ويندو جڏهن ته حتمي ۽ سرڪاري نتيجا اليڪش?? ڪميشن آف پاڪستان جاري ڪندي. نگران وفاقي وزير چيو ته چونڊن جي ??رحلي تائين پهچڻ ۾ ڪيترائي مسئلا درپيش هئا پر ڪنهن به سبب جي ڪري اسان جو حوصلو ڪمزور نه ٿيو. نگران وفاقي وزير چيو ته ??اڳاپيل ادارا تصديق ٿيل خبرون عوام تائين پهچائيندا. هن چيو ته سيڪيورٽي جي ??سئلن کي پهريون ڀيرو منهن نه ڏئي رهيا آهيون، پاڪستان جي عوام دهشتگردي جي خلاف ڊگهي جنگ وڙهي آهي، ڪير به اسان کي پنهنجي ان جمهوري عمل کان هٽائي نه سگهندو. هن چيو ته 2008ع ۽ 2013ع ۾ سيڪيورٽي جي صورتحال وڌيڪ خراب هئي، دهشتگردي جا ڪجهه واقعا ڪنهن طور به اسان جي سيڪيورٽي فورسز ۽ عوام جي حوصلن کي ڪمزور نه ٿا ڪري سگهن. هن چيو ته ??يڊيا ڪوآرڊينيشن ايينڊ فيسلي ٽيشن سينٽر ۾ بهترين انتظام ڪيا ويا آهن جتي صحافين جي ضرورتن جو خيال رکيو ويندو. هن چيو ته ??يڊيا عوام جي ڄاڻڻ جي حق جي ??اءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، اسان هر طرح سان انهن جي ??دد ڪندسين. هن چيو ته چونڊن ۾ هاڻي ڪجهه ڪلاڪ باقي آهن، عوام جو حق آهي ته اهي پنهنجا نمائندا چونڊين، اسان عوام سان گڏ بيٺل آهيون، اليڪشن ۾ فيصلو پاڪستان جي عوام کي ڪرڻو آهي.