اسلام آباد – 26 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي غزه جي پٽيءَ ۾ نسل ڪشي جي ڏوهه جي روڪٿام ۽ سزا بابت انصاف جي عالمي عدالت (آءِ سي جي) جي فيصلي جي آجيان ڪندي چيو آهي ته اهو هڪ بهترين فيصلو آهي، اس??ائيل کي فوري طور تي غزه ۾ معصوم شهرين جي نسل ڪشي ۽ رتوڇاڻ کي روڪڻو پوندو. هن آءِ سي جي جي فيصلي کي ساراهيو جنهن ۾ اس??ائيل کي غزه ۾ فلسطينين طرف نسل ڪشي ڪنوينشن تحت پنهنجون ذميواريون پ??ري??ن ڪرڻ، نسل ڪشي ڪنوينشن جي آرٽيڪل II جي دائري ۾ ايندڙ سم??ري?? ڪاررواين کي روڪڻ جي لاءِ سمورا قدم کڻڻ ۽ غزه ۾ فلسطينين کي فوري طور تي گهربل ”بنيادي خدمتون ۽ انساني امداد) جي فراهمي جو چيو ويو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر چيو ته ان فيصلي اس??ائيل پاران ڪيل غيرانساني ڪاررواين ۽ ڏاڍ کي بي نقاب ڪري ڇڏ??و آهي. ??ن وڌيڪ چيو ته اس??ائيل عورتن، ٻارن ۽ اسپتالن کي نشانو بڻائي انسانيت جون سم??ري??ن حدون پار ڪري ڇڏ??ون ۽ خوراڪ جي لاءِ ??طا?? ۾ بيٺل ماڻهن کي پڻ نه ڇڏ??و. صدر عالمي برادري ۽ گڏيل قومن جي ٻين ادارن خاص طور تي سلامتي ڪائونسل تي زور ڏنو ته اها غزه ۾ فوري جنگبندي جي لاءِ قدم کڻي ۽ اس??ائيل کي فلسطين ۾ وڌيڪ رتوڇاڻ کان روڪي. صدر نسل ڪشيءَ جي ڪاررواين تي اس??ائيل کي جوابده قرار ڏيڻ جي لاءِ ڏکڻ آفريقا پاران معاملو انصاف جي عالمي عدالت ۾ کڻي وڃڻ جي جرئتمنداڻي موقف کي ساراهيو.