اسلام آباد – 01 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان ۽ ڀارت ڪالهه سومر ڏينهن سفارتي ذريعن سان هڪ ٻئي جي حراست ۾ قيدين جي فهرستن جي مٽاسٽا ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب فهرستن جي مٽاسٽا 2008ع جي قونصلر ??هچ جي معاهدي تحت ٿي. معاهدي تحت ٻنهي ملڪن کي هر سال پهرين جنوري ۽ پهرين جولاءِ تي هڪ ٻئي جي حراست ۾ قيدين جي فهرستن جي مٽاسٽا ڪرڻي هوندي آهي. بيان موجب پاڪستان حڪومت پاڪستان ۾ قيد 231 ڀارتي قيدين (47 سويلين قيدي ۽ 184 ??ُه??ڻن) جي فهرست اسلام آباد ۾ ڀارتي هائي ڪميشن جي نمائندي جي حوالي ڪئي. ڀارتي حڪومت ڀارتي جيلن ۾ قيد پاڪستانين جي فهرست پاڪستاني هائي ڪميشن نئين دهلي جي هڪ آفيسر سان شيئر ڪئي. فهرست موجب ڀارت جي جيلن ۾ 418 پاڪستاني (337 ش??ري قيدي ۽ 81 ??ُه??ڻا) قيد آهن. بيان ۾ ڀارتي حڪومت تي زور ڏنو و??و آهي ته اها انهن سمورن پاڪستاني قيدين کي آزاد ڪري ۽ وطن واپس موڪلي جيڪي پنهنجي لاڳاپيل سزا پوري ڪري چڪا آهن ۽ جن جي قومي حيثيت جي تصديق ٿي آهي. بيان ۾ 1965ع ۽ 1971ع جي جنگين جي گم ٿيل دفاعي اهلڪارن کي قونصلر ??هچ ڏيڻ ۽ 77 سول قيدين تائين خصوصي قونصلر ??هچ جي درخواست پڻ ڪئي وئي آهي.