اسلام آباد – 19 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ ۾ فاصلاتي ۽ آن لائين تعليمي نظام کي سگهه ڏيڻ جي ??رورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته موجوده دور جي گهرجن موجب آءِ ٽي گريجوئيٽس ۽ هنرمند افرادي قوت کي تيار ڪرڻ لازمي آهي، معاشرو تعليم يافته نوجوانن ۽ عورتن کي انهن جي ??هليت موجب ڪم ڪرڻ جا موقعا فراهم ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن ورچوئل يونيورسٽي جي 13 هين ڪانووڪيشن کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر چيو ته يونيورسٽين کي آن لائين تعليم ڏيڻ کي پنهنجي ??رجيحن ۾ شامل ڪرڻ گهرجي، شاگردن کي جديد ٽيڪنالاجي ۾ تعليم جي فراهمي جي لاءِ آن لائين ايجوڪيشن کي وڌائڻ ضروري آهي. هن چيو ته تعليم طرف ڌيان ڏيڻ جي نتيجي ۾ غربت گهٽ ۽ صحت جي ??ورتحال بهتر ٿيندي. صدر يونيورسٽي جي فارغ ٿيندڙ شاگردن کي چيو ته اهي معاشري ۾ پنهنجي مثبت ڪردار جي ??ريعي ملڪ جي ??هتر مستقبل ۽ خوشحالي جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته هر شعبي ۾ جديد ٽيڪنالاجي ??ي تيز رفتار ترقي کي نظر ۾ رکندي موجوده حالتن ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي ??ي تعليم اهميت رکندڙ آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته معاشري ۾ سٺي قدرن ۽ اخلاقيات کي فروغ ڏيڻ وقت جي ??هم ضرورت آهي، تعليم جي ميدان ۾ شاگردن ۽ عورتن کي هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪيا وڃن. صدر چيو ته اعليٰ تعليم يافته آءِ ٽي گريجوئيٽس کي موجوده ۽ مستقبل جي وڌندڙ ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ تيار ڪرڻ گهرجي. هن معاشري کي باسعور بڻائڻ تي زور ڏنو ته جيئن اهي تعليم يافته نوجوانن ۽ عورتن کي انهن جي ??لاحيتن موجب ڪم ڪرڻ ۾ مدد ڪرڻ جا موقعا پيدا ڪري. صدر شاگردن ۽ معاشري ۾ اخلاقيات، همدرديءَ، درگذر ۽ برداشت کي فروغ ڏيڻ جي ??رورت تي پڻ زور ڏنو. هن چيو ته تعليم جي ميدان ۾ ترقي ڪري پاڪستان اقتصادي ۽ سماجي ??ور تي ترقي ڪندو. هن چيو ته ملڪ کي تعليم ۾ اڳتي وڌڻ ضروري آهي، اسان کي اخلاقيات جي ??صولن کي پڻ اختيار ڪرڻو پوندو. صدر چيو ته پاڪستان ۾ اسڪولن کان ٻاهر ٻارن جو انگ 2 ڪروڙ 80 لک کان وڌيڪ آهي جن کي تعليم جي ??يور سان ليس ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته دنيا ۾ ٽيڪنالاجي ??يزي سان ترقي ڪري رهي آهي، اسان کي موجوده دور جي گهرجن موجب آءِ ٽي گريجوئيٽس کي تيار ڪرڻ گهرجي. ان کان اڳ صدر ڪانووڪيشن دوران اعليٰ تعليمي ڪارڪردگي تي 34 شاگردن ۽ شاگردياڻين کي گولڊ ميڊل ڏنا.