اسلام آباد- 18 ڊسمبر (اي پي پي) تعليم بابت نگران ??فاقي وزير مدد علي سنڌي چيو آهي ته عربي ٻولي مسلمانن جو عظيم اثاثو آهي، عربي ٻولي جي خدمت به عبادت آهي، ترقي جو واحد حل تعليم کي ترجيح ڏيڻ ۾ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن عالمي اسلامي يونيورسٽي جي انتظام هيٺ ”عربي ٻولي کي هٿي وٺائڻ ۾ ادارن ۽ ماڻهن جو ڪردار“ جي مو??وع تي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته عربي فصالحت واري ٻولي آهي جيڪو وهندڙ درياءُ آهي جن??ن جي رواني هر گذرندي ڏينهن سان ??ڌي رهي آهي. هن چيو ته عربي کي هٿي وٺائڻ ۾ عالمي اسلامي يونيورسٽي جو ڪردار مثالي آهي جتي مصر، سوڊان، سعودي عرب سميت ٻين ڪيترن ئي ملڪن جا استاد بهترين ڪردا?? ادا ڪري رهيا آهن. هن چيو ته عالمي اسلامي يونيورسٽي جهڙن ادارن کي معاشري ۾ وڌائڻو پوندو ۽ جامع طرز تعليم جي باقي يونيورسٽيون به اپنائين. ڪانفرنس کي يمن جي سفير محمد مطهر العشبي خطاب ڪندي چيو ته عربي قرآن پاڪ جي ٻولي آهي، اسان ??ماز به عربي ۾ پڙه??دا آهيون، عربي کي هٿي وٺائڻ لاءِ قدم کنيا وڃن.