لاهور ??? 15 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي گهرواريءَ ۽ خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي شالامار باغ لاهور جو دورو ڪيو ۽ تاريخي ورثي جي تحفظ جي لاءِ پنجاب حڪومت جي ڪوششن کي ساراهيو، شالامار باغ پهچڻ تي خاتون اول ثمينه عارف علوي جي آجيان ڊائريڪٽ?? جنر?? والٽ سٽي آف لاهور اٿارٽي ڪامران لاشاري ۽ اميچيئور گارڊنرز ڪلب جي چيئرپ??سن نوشين سرفراز ڪيو ۽ ان جي آجيان ڪئي. اميچوئر گارڊنرز ڪلب جي چيئرپ??سن نوشين سرفراز ان موقعي تي خاتون اول کي شالامار باغ ۾ وڻ ۽ ٻوٽن ۽ گلن بابت ٿيل ڪمن جي تفصيلن کان آگاهه ڪيو. ڊائريڪٽ?? جنر?? والٽ سٽي آف لاهور اٿارٽي ڪامران لاشاري خاتون اول کي شالامار باغ جي رنگ روغن ۽ تحفظ بابت جاري ڪمن بابت بريفنگ ڏني. بيگم ثمينه عارف علوي آثار قديمه جي ورثي جي تحفظ لاءِ صوبائي حڪومت ۽ والٽ سٽي لاهور جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ سارسنڀال جي لحاظ کان شالامار باغ جي انتظاميا کي ساراهيو ۽ چيو ته حڪومت ثقافتي ورثي جي تحفظ جي لاءِ سڀئي ممڪن وسيلا استعمال ۾ آڻي رهي آهي. بعد ۾ خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي شالامار باغ جي مختلف حصن جو دورو ڪيو. آخر ۾ ڊائريڪٽ?? جنر?? والٽ سٽي آف لاهور اٿارٽي ڪامران لاشاري خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي کي ش??لڊ پيش ڪئي.