اسلام آباد – 16 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سول??گي چين پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) کي پاڪستان جي ترقي ۾ اهم سنگ ميل قرار ڏيندي چيو آهي ته ??ڪومت سي پيڪ منصوبن ۾ سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ ڪوشش جاري رکيون آهن، سي پيڪ روڊ انفراسٽرڪچر، پاور سيڪٽرز ۽ صنعتي زونز ۾ 62 ارب ڊالر جي ڪامياب منصوبن جي شڪل ۾ اهم سنگ ميل حاصل ڪيو آهي، روڊ انفراسٽرڪچر، گرين انيشي ايٽو، ايڪسپورٽ پروسيسنگ زونز، اسپيشل اڪنامڪ زونز ۽ ايم ايل ون جي حوالي سا?? جلد سٺيون خبرون اينديون، نگران حڪومت پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ وڏي گهٽتائي ڪري عوام کي ريليف ڏنو آهي، اسان جي ڪوشش آهي ته وفاقي حڪومت، صوبائي ۽ ضلعي انتظاميا گڏجي پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو فائدو عوام کي منتقل ڪري. بحريه يونيورسٽي ۽ چائنا ميڊيا گروپ جي اهتمام هيٺ سي پيڪ آرٽ نمائش کي خطاب ڪندي اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته چين پاڪستان اقتصادي لنگهه منصوبو (سي پيڪ) B2G کان B2B ۾ داخل ٿي چڪو آهي، سي پيڪ جي ڪري ٻنهي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ رابطا وڌيا آهن جڏهن ته چين ۽ پاڪستان جا لاڳاپا هر گذرندڙ ڏينهن سا?? گڏ مضبوط کان مضبوط تر ٿيندا پيا وڃن. هن چيو ته ??ها حقيقت آهي ته فن ۽ ثقافت جو انسان?? زندگين تي گهرو اثر پوي ٿو، اها ڳالهه حوصلي جوڳي آهي ته نمائش ۾ نه رڳو فن کي پيش ڪيو پيو وڃي پر ان ۾ انٽريڪٽو ميڊيا کي به شامل ڪيو ويو آهي، اميد آهي ته نئين انٽريڪٽو ميڊيا نوجوانن کي پنهنجي طرف ڇڪيندي. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته پاليسين تي عملدرآمد يقيني بڻائيندي حڪومت سلي پيڪ منصوبن ۾ سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ ڀرپور طريقي سا?? ڪوششون جاري رکيون آهن. هن بحريه يونيورسٽي ۽ چائنا ميڊيا گروپ کي آرٽ نمائش منعقد ڪرڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته هن سا?? اسان سي پيڪ جي 10 هين سا??گرهه ملهائي رهيا آهيون، ??ون کي يقين آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستي ۽ تعاون نئين بلندين تائين پهچندو. هن چيو ته نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چين ۾ ٽئين بيلٽ اينڊ روڊ فورم ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪري رهيو آهي. هن چيو ته ??وڊ انفراسٽرڪچر، گرين انيشي ايٽو، ٽيڪنالاجي، ايڪسپورٽ پروسيسنگ زونز، اسپيشل اڪنامڪ زونز ۽ ايم ايل ون جي حوالي سا?? سٺيون خبرون اينديون. مرتضيٰ سول??گي چيو ته موجوده نگران حڪومت جو وچن آهي ته ??نهن حالت ۾ ملڪ مليو آهي ان کان بهتر حالت ۾ ڇڏي وينداسين. هن چيو ته ??ڄ ڪافي ماڻهن جي چهرن تي رونق آهي، نگران حڪومت پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ وڏي گهٽتائي ڪري عوام کي ريليف ڏنو آهي، حڪومت پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو پورو فائدو عوام کي پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هن چيو ته ??سان جي ڪوشش آهي ته وفاقي حڪومت، صوبائي ۽ ضلعي انتظاميا گڏجي پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو فائدو عوام کي منتقل ڪن. هن چيو ته گذريل هفتي جمعي ڏينهن اسان جي اسٽاڪ مارڪيٽ بلند ترين سطح تي هئي، عالمي ادارا پڻ ايندڙ سا?? پاڪستان جي جي ڊي پي ۾ ٻيڻي اضافي جي اڳڪٿي ڪري رهيا آهن. نگران وفاقي وزير چيو ته ??سان جي ڪوشش هجڻ گهرجي ته ملڪ ۾ سياسي استحڪام پيدا ٿئي، ملڪ چونڊن طرف اڳتي وڌي. پاڪستان اڳتي وڌندو ته ??ي پيڪ جا فائدا به بهتر طريقي سا?? ملندا.