هنزه – 13 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ گلگت بلت??تا?? ۾ بجلي جي مسئلن جي جلد کان جلد حل جي خاطري ڪرائيندي لاڳاپيل عملدارن کي گلگت بلت??تا?? ۾ نجي شعبي سان گڏجي مقامي طور تي بجلي جي پيداوار جي حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت ڪئي آهي، نگران وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي گلگت ۾ مواصلاتي نظام جي نئين سر تعمير ۽ بهتري جي لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ جي پڻ هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس ج?? ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ واديءَ هنزه جو دورو ڪيو. دوري ۾ نگران وزيراعظم هنزه جي سياسي قيادت، اڳواڻن ۽ سماجي شخصيتن سان ملاقات ڪئي ۽ قراقرم ايريا ڊيولپمينٽ آرگنائيزيشن جي منصوبي هنر کن جو دورو ڪيو. هنزه جي سياسي قيادت ۽ اڳواڻن نگران وزيراعظم کي هنزه ۾ بجلي جي بحران، ضلعي هنزه جي آبادي جي تناسب جي حساب سان گلگت بلت??تا?? اسيمبلي ۾ اضافي سيٽن جي فراهمي ۽ ٻين مسئلن کان آگاهه ڪيو. نگران وزيراعظم وفد کي گلگت بلت??تا?? ۾ بجلي جي مسئلي جي جلد کان جلد حل جي خاطري ڪرائي. نگران وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي گلگت بلت??تا?? ۾ نجي شعبي سان معاهدن جي ذريعي مقامي طور تي بجلي جي پيداوار جي حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت ڪئي. ملاقات ۾ گلگت بلت??تا?? جي سياسي قيادت نگران وزيراعظم کي سياحت جي شعبي کي درپيش مسئلن بابت آگاهه ڪيو. وفد نگران وزيراعظم کان گلگت بلت??تا?? جي مختلف حصن کي هوائي سفر جي ذريعي ڳنڍڻ جو مطالبو ڪيو. نگران وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي گلگت ۾ مواصلاتي نظام جي نئين سر تعمير جي حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت ڪئي. سياسي قيادت نگران وزيراعظم کان گلگت بلت??تا?? ۾ اليڪشن قومي سطح جي اليڪشن سان گڏ م??عق?? ڪرائڻ جي درخواست ڪئي. نگران وزيراعظم چيف سيڪريٽري گلگت بلت??تا?? کي هدايت ڪئي ته هو اجلاس ۾ بيان ڪيل مسئلن کي جلد کان جلد حل ڪرڻ ۾ سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻي. ملاقات ۾ گلگت بلت??تا?? جو اڳوڻو گورنر مير غضنفر علي خان، گلگت بلت??تا?? اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر راني عتقيه، گلگت بلت??تا?? اسيمبلي جو ميمبر ڪرنل (ر) عبيدالله بيگ، گلگت بلت??تا?? اسيمبلي جي ميمبر دلشاد بانو ۽ ٻيون سياسي ۽ سماجي شخصيتون شامل هيون. بعد ۾ نگران وزيراعظم هنزه ۾ قراقرم ايريا ڊيولپمينٽ آرگنائيزيسن جي منصوبي ”هنر کن“ ۾ موجود ڪاڊو ڊيجيٽل هب ۽ خ??وصي ماڻهن جي بحالي جي سينٽر جو دورو ڪيو. دوري دوران نگران وزيراعظم مقامي انتظاميا کي قراقرم ايريا ڊيولپمينٽ آرگنائيزيشن جي مقامي آبادي جي ڀلائي لاءِ خدمتن کي ساراهيو. دوري ۾ نگران وزيراعظم ڪاڊو هنر کن جي هوشيار فري لانسر شاگردن ۽ شاگردياڻين سان ملاقات ڪئي. نگران وزيراعظم چيو ته گلگت بلت??تا?? جي نوجوانن ۾ گلگت کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ جي لاءِ ڪم ڪرڻ جو جوش ۽ ولولو انتهائي خوش آئنده آهي.