اسلام آباد – 07 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستان جي ??عيشت ۾ پرڏيهي پاڪستانين جو اربين جو پرڏيهي ناڻو مثبت ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، پرڏيهي پاڪستاني کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ هر ممڪن قدم کنيا وڃن. وزيراعظم آفيس جي ??يڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن وزيراعظم جي ??رڏيهي پاڪستانين ب??بت خاص معاون جواد سهراب ملڪ سان ملاقات دوران ڪيو. ملاقات ۾ اوور??يز پاڪستانيز واري وزارت جي ??عاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. نگران وزيراعظم چيو ته پرڏيهي پاڪستاني اسان جو قيمتي اثاثو آهن جن جي ڀلائي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، پاڪستان جي ??عيشت ۾ پرڏيهي پاڪستانين جو اربين رپين جو پرڏيهي ناڻو مثبت ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. هن هدايت ڪئي ته اوور??يز پاڪستانيز کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ هر ممڪن قدم کنيا وڃن.