اسلام آباد – 21 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سوئيڊن ۾ قرآن ڪريم جي بي حرمتي جي واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته او آءِ سي جي پليٽ فارم تان ان شيطانيت جي تدارڪ جي گڏيل حڪمت عملي ٺاهينداس??ن. ??زيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته او آءِ سي کي مسلمان امت جي احساسن جي ترجماني ۽ ان شيطانيت کي روڪرائڻ ۾ تاريخي ڪردار ادا ڪرڻو آهي. تورات، انجيل ۽ قرآن ڪريم جي بي حرمتي جي اجازت ??يڻ جي فيصلي کي تبديل ڪرڻ جي مهم هلائينداس??ن. ??قدس ڪتابن، هستين ۽ شعائر جي بي حرمتي اظهار جي نه دنيا ک?? مستقل آزار ڏيڻ جي آزادي آهي. هن چيو ته واقعن جو تسلسل ۽ ترتيب ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته اهو اظهار نه پر سياسي ۽ شيطاني ايجنڊا جو حصو آهي. پوري اسلامي دنيا ۽ مسيحي دنيا ک?? گڏجي ان سازش کي روڪڻو پوندو. هن چيو ته شيطان جا پيروڪار ان ڪتاب جي بي حرمتي ڪري رهيا آهن ??نه?? انسانن کي عزت ??ني، حق ۽ رهنمائي ڏني. تورات ۽ انجيل جي بي حرمتي جي اجازت ??يڻ جي فيصلي سان بي حرمتي ڪندڙن جي حوصلا افزائي ٿي. هن چيو ته اهو نفرت جو فروغ آهي ??نه?? جي عالمي قانون اجازت نه ٿو ڏي. مذهبي جذبا ڀڙڪائڻ، اشتعال انگيزي، دهشتگردي ۽ تشدد تي اتساهڻ جا اهي رويا دنيا جي امن جي لاءِ هاڃيڪار آهن. هن چيو ته اهي رويا قانوني ۽ اخلاقي ٻنهي لحاظ کان ئي شديد نفرت جوڳا ۽ مذمت جوڳا آهن.