لاهور -15 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ش??يف سان اولڊر اوين ايسوسيئيشن جي چونڊيل عهديدارن ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ گورنمينٽ ڪاليج يونيورسٽي مان فارغ التحصيل قانون ۽ انصاف وارو وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ پڻ موجود هو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان مطابق ان موقعي تي وزيراعظ?? ڳالهائيندي چيو ته گورنمينٽ ڪاليج يونيورسٽي جون بيشڪ ملڪي تعليمي ميدان ۾ ساراهه جوڳيون خ??متون آهن، گورنمينٽ ڪاليج يونيورسٽي هن ملڪ جي نمايان درسگاهه آهي جنهن وڏا ناليوارا سپوت پيدا ڪيا. وزيراعظم شهباز ش??يف چيو ته گورنمينٽ ڪاليج مان تعليم پرائي نڪتل شاگرد زندگي جي مختلف شعبن ?? تعميري ڪم سرانجام ڏئي رهيا آهن. شرڪت ڪندڙن چيو ته اسان لاءِ فخر جوڳي ڳالهه آهي، ته هن ملڪ جو وزيراعظم پاڻ گورنمينٽ ڪاليج مان تعليمي يافته آهي. وزيراعظم محمد شهباز ش??يف گورنمينٽ ڪاليج يونيورسٽي ۾ پنهنجي شاگردي واري دور ۾ ۽ استادن کي خوشگوار لفظن ۾ ياد ڪيو. وزيراعظم شهباز ش??يف اولڊر اوين ايسوسيئيشن جي تعليمي ترقي ۽ ٻين فلاحي منصوبن ۾ هر ممڪن مدد فراهم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي اولڊر اوين ايسوسيئيشن جي وفد وزيراعظم محمد شهباز ش??يف کي يادگاري شيلڊ ۽ تصوير پڻ پيش ڪئي.