اسلام آباد – 11 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسٽيٽ بئنڪ ۾ 2 ارب ڊالر جمع ڪرائڻ تي سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جا ٿورا مڃيندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي ??چ ۾ آءِ ٽي، توانائي، بنيادي ڍانچي ۽ ليبر سميت اهم شعبن ۾ گڏيل تعاون کي فروغ ڏيڻ گهرجي. وزيراعظم آفيس جي ??يديا ونگ پاران جاري بيان مجب اهڙن خيالن جو اظ??ار هن سعودي عرب جي سفير نواف بن سعيد احمد المالڪي سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم پاڪستان جي ??اءِ فراخدلاڻي حمايت تي سعودي قيادت جا ٿورا مڃيا جنهن خاص طور تي آءِ ايم ايف سان معاهدي کي محفوظ بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. وزيراعظم سعودي سفير کي چيو ته هو ولي عهد ۽ وزيراعظم محمد بن سلمان جا اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ۾ 2 بلين ڊالر جمع ڪرائڻ تي پاڪستان پ??ران خصوصي ٿورا مڃي ٿو. وزيراعظم سعودي سفير کي سعودي عرب سميت جي سي سي جي ??يمبر ملڪن سان امڪاني سيڙپڪاري کي آسان بڻائڻ ۽ تيز رفتاري سان اڳتي وڌڻ جي ??اءِ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل قائم ڪرڻ بابت آگاهه ڪيو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته آءِ ٽي، توانائي، انفراسٽرڪچر ۽ ليبر سميت اهم شعبن ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب جي گڏيل تعاون کي تيزي سان اڳتي وڌائڻ گهرجي. سعودي سفير ٻنهي ڀائر ملڪن جي ??چ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي ??وجوده صورتحال تي اطمينان جو اظ??ار ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب هڪ ڀائراڻي رشتي ۾ ڳنڍيل آهن جيڪو گڏيل اعتماد ۽ افهام تفهيم، ويجهي تعاون ۽ هڪ ٻئي جي حمايت جي ??ازوال روايت تي ٻڌل آهن. وزيراعظم ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان جي دوري جو بي تابي سان منتظر آهي.