اسلام آباد – 06 –جولاءِ (اي پي پي) سوئس ڪنفيڊريشن جو پرڏيهي وزير فيڊرل ڪائونسلر اگنازيو ڪيسس 7 کان 9 جولاءِ تائين پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪندو، وفد ۾ سوئس پارليامينٽ جا ٽي ميمبر ۽ سينيئر عملدار شامل آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته وزيراعظم شهباز شريف اگنازيو ڪيسس کي هن سال 9 جنوري تي ??لائميٽ ريزيليئنٽ پاڪستان بابت عالمي ڪانفرنس جي موقعي تي جنيوا ۾ ملاقات دوران پاڪستان جي دوري جي دع??ت ڏني هئي. اسلام آباد ۾ قيام دوران هو وزيراعظم ۽ موسمياتي تبديلي واري وزير شيري رحمان سان ملاقات ڪندو. هو اسلام آباد ۾ نيشنل ڊ??زا??ٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي جو دورو ڪندو جتي ڌر??ون ڊ??زا??ٽر مئنيجمينٽ ۾ ٻطرفي تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪنديون.