ٽوڪيو-02 جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پاڪستاني ڄاون ۽ ذڪر جوڳن جاپاني ڪمپنين جي ايگزيڪيٽوز سان ملاقاتون ڪيون ۽ انهن سان پاڪستان ??ان ??يڙپڪاري ۽ واپار جي امڪانن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. سوشل ميڊيا پليٽ فارم تي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته جاپان ۾ پاڪستان ??ي متحرڪ پاڪستاني ڄاون کي ٻنهي ملڪن وچ ۾ پاڪستان لاڳاپن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪندي ڏسڻ منهنجي لاءِ اطمينان ??وڳو آهي. اڄ منهنجي ان ??ي ڪجهه نمائندن سان ملاقات ٿي ۽ جاپان ??ان پنهنجي ٻطرفن لاڳاپن خاص طور تي ڪاروبار واپار کي هٿي ڏيڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي، جاپان ??ي پنهنجي دوري دوران مون هڪ آجياڻي ۾ ذڪر جوڳين جاپاني ڪمپنين جي ايگزيڪيٽوز سان پڻ ڳالهيون ڪيون. هن وڌيڪ چيو ته منهنجي لاءِ اها ڳالهه حوصلي واري آهي ته هو ايگزيڪيٽوز پاڪستان ۽ جاپان ??ي واپار، زراعت، ٽيڪنالاجي، تعليم، هنرمند افرا??ي قوت، ڊزاسٽرمينيجمينٽ ۽ صاف توانائي سميت ٻين شعبن ۾ موجود گنجائش ۽ سيڙپڪاري مان فائدو حاصل ??رڻ جا خواهشمند آهن. پرڏيهي وزير جاپان ??نٽرنيشنل ڪوآپريشن ايجنسي (جائيڪا) ۽ جاپان ??يڪسٽرنل ٽريد آرگنائيزيشن جي نمائندن سان پڻ ملاقات ڪئي ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، ملاقاتن ۾ آصفه ڀٽو پڻ موجود هئي.