اسلام آباد- 29 جون (اي پي پي) ??زي??اعظم محمد شهباز شريف پوري پاڪستاني قوم ۽ سموري اسلامي دنيا کي عيدال??ضح??ٰ جي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته عيدال??ضح??ٰ جو بنيادي فلسفو قرباني، ايثار، خلوص ۽ الله جي راهه ۾ پنهنجي عزيز ترين شيءَ نڇاور ڪرڻ آهي، عيد جي خوشي جي موقعي تي اسان کي پنهنجي جانورن جي قرباني جو گوشت غريبن ۾ ورهائڻ کانسواءِ به جيتري قدر ممڪن ٿي سگهي محتاجن ۽ ضرورتمندن جي ام??اد ڪرڻ گهرجي. عيدال??ضح??ٰ جي موقعي تي قوم جي نالي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته مان عيدال??ضح??ٰ ۽ عظيم اسلامي عبادت حج جي موقعي تي پوري پاڪستاني قوم ۽ سموري اسلامي دنيا کي مبارڪباد پيش ڪريان ??و ۽ الله تعاليٰ جي بارگاهه ۾ دعاڳو آهيان ته هو اسان جي قربانين ۽ عبادتن کي پنهنجي بارگاهه ۾ قبول فرمائي. ??زي??اعظم چيو ته عيدال??ضح??ٰ جي هن خوشي جي موقعي تي الله تعاليٰ آڏو پيش ڪيل قرباني اسان کي حضرت ابراهيم خليل الله عل??ه السلام ۽ ان جي لخت جگر حضرت اسماعيل ذبيح الله عل??ه السلام جي ياد ڏياري ٿو ۽ اهو ٻڌائي ٿو ته اسان جي دنياوي رتبي کان ??طعي نظر اسان تيستائين الله جي بندگي ۽ مڪمل اطاعت جا دعويدار نه ٿا ٿي سگهون جيستائين اسان خالق ۽ مالڪ جي بارگاهه ۾ پنهنجي بهترين ۽ محبوب شيءَ جي قرباني جو جذبو ۽ حوصلو نٿا رکون ٿا، عيدال??ضح??ٰ جو بنيادي فلسفو قرباني، ايثار ۽ خلوص ۽ الله جي راهه ۾ پنهنجي عزيز ترين شيءَ نڇاور ڪرڻ آهي. هن چيو ته عيد جي هن خوشيءَ جي موقعي تي جتي اسان ??نهنجي جانورن جي قرباني جو گوشت غريبن ۾ ورهايون گڏوگڏ اهو به ضروري آهي ته گوشت کانسواءِ به جيتري قدر ممڪن ٿي سگهي محتاجن ۽ ضرورتمندن جي ام??اد ڪريون ته جيئن اسان جا اهڙا هم وطن ڀينر ۽ ڀائر جيڪي معاشي طور تي ڪمزور آهن اهي به انهن خوشين کي ڀرپور طريقي سان ??لهائي سگهن. هن چيو ته قرباني جي عيد ملهائڻ جو مقصد اهو آهي ته مسلمانن جي اندر اهو ئي روح، اسلام ۽ ايمان جي اها ئي ڪيفيت ۽ خدا سان ??حبت ۽ وفاداري جو اهو ئي شان ??يدا ٿئي جنهن جو مظاهرو حضرت ابراهيم عل??ه السلام ۽ حضرت اسماعيل عل??ه السلام پنهنجي زندگي ۾ ڪيو آهي. ??زي??اعظم چيو ته هن قرباني جي عيد تي غريبن ۽ مسڪينن جي مدد ڪرڻ وقت خاص طور تي پنهنجي ڀرپاسي اهڙن ماڻهن کي ضرور ياد رکو جيڪي گذريل سال ٻوڏ جي تباهين سبب بي گهر ٿيا، مون کي ڀرپور احساس آهي ته پاڪستان ??ن وقت مهانگائي جي لپيٽ ۾ آهي جيڪا گهڻو ڪري ٻاهرئين عملن سان ??يدا ٿيل ناڻي واڌ ۽ ٻاڙائي جي اثرن جي ڪري آهي، حڪومت پنهنجون سموريون توانائيون عوامي ريليف تي لڳائي رهي آهي ۽ اسان بجيٽ ۾ به پگهاردار طبقي، پينشنرز ۽ مزدور کي جيتري قدر ٿي سگهيو ريليف ڏنو آهي. هن چيو ته عيدال??ضح??ٰ جي هن مبارڪ موقعي تي منهنجي اها دعا آهي ته الله تعاليٰ پوري اسلامي دنيا کي امن ۽ سلامتي ۽ ترقي جو گهوارو بڻائي ۽ دنيا ۾ جتي جتي مسلمان ??صيبتن جو شڪار آهن، خاص طور تي ڪشمير ۽ فلسطين جي مظلوم ڀينرن ۽ ڀائرن جون مشڪلاتون ۽ پريشانيون کي ختم ڪري. ??زي??اعظم چيو ته قرباني جي تعليم ۽ حج جو پيغام امن، برداشت، ڀائيچاري ۽ الله تعاليٰ جي حڪمن تي عمل ڪرڻ آهي، انهن ئي مقصدن کي حاصل ڪرڻ جي ڏس ۾ عيدال??ضح??ٰ جو صحيح حق ته ان ??قت ادا ٿيندو جڏهن اسان ان جي گهرجن کي پورو ڪنداسين ۽ ان جي ضرورت، اهميت، افاديت ۽ مقصديت تي غور فڪر ڪري ان کي عملي جامعو پارائينداسين.