اسلام آباد- 08 جون (اي پي پي) وفاقي حڪومت مالي سال 23-2022ع جو اقتصادي سروي جاري ڪري ڇڏيو. اقتصادي سروي جا خاص خاص نڪتا هيٺ ڏجن ٿا: * مالي سال 2023ع دوران ??قتصادي ترقي جي اؤسر واري شرح 0.29 سيڪڙو رهي جيڪو گذريل مالي سال ۾ 6.1 سيڪڙو هئي. زرعي شعبي جي اؤسر 1.55 سيڪڙو رهي، جيڪو گذريل مالي سال دوران 4.27 سيڪڙو رهي. صنعتي شعبي جي ڪاٽو 2.94 سيڪڙو رهي جيڪو گذريل مالي سال دوران 6.83 سيڪڙو هئي. * مينيوفيڪچرنگ جي شرح اؤسر ڪاٽو 3.914 سيڪڙو رهي، جيڪو گذريل مالي سال دوران 10.86 سيڪڙو هئي. تعميرات جي شعبي جي شرح اؤسر ڪاٽو 5.53 سيڪڙو رهي جيڪا گذريل مالي سال ۾ 1.90 سيڪڙو هئي. * بجلي، گيس، پاڻي جي فراهميءَ سميت انڊسٽري جي ذيلي شعبن ۾ اؤسر واري شرح 6 سيڪڙو رهي، جيڪو گذريل مالي سال دوران 3.14 سيڪڙو هئي. * خدمتن جي شعبي جي شرح اؤسر 0.86 سيڪڙو رهي جيڪا گذريل مالي سال دوران 6.19 سيڪڙو هئي. * آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن جي شعبي ۾ ترقيءَ جي شرح 6.93 سيڪڙو رهي، جيڪا گذريل مالي سال جي ان ??رصي دوران 16.32 سيڪڙو هئي. * ان ??ال معيشت جو ڳ??ڻيٽو 27.1 سيڪڙو جو اضافو ٿيو ۽ هي 84658 ارب رپيا رهي جيڪو گذريل مالي سال جي ان ??رصي دوران 66624 ارب رپيا هو. * في ڪس آمدني 1568 ڊالر رهي. گذريل مالي سال دوران هي 1765 ڊالر هئي. اهڙيءَ طرح ان ۾ 11.2 سيڪڙو جي گهٽتائي ٿي. * مجموعي سيڙپڪاريءَ ۾ 10.2 سيڪڙو جو اضافو ٿيو، گذريل سال ان ۾ 29.1 سيڪڙو جو اضافو ٿيو. هي جي ڊي پي جو 13.6 سيڪڙو رهيو. مالي سال 2022ع دوران هي جي ڊي پي جو 15.7 سيڪڙو هو . *نجي سيڙپڪاريءَ ۾ 6.18 سيڪڙو جو اضافو ٿيو. جيڪو گذريل مالي سال دوران 27.66 سيڪڙو رهي. * حڪومتي سيڙپڪاريءَ ۾ 14.10 سيڪڙو جو اضافو ٿيو. گذريل مالي سال دوران ??ن ۾ 39.27 سيڪڙو جو اضافو ٿيو هو. حڪومتي سيڙپڪاري جي ڊي پي جو تقريبن 3.1 سيڪڙو رهي جيڪو گذريل مالي سال دوران 3.5 سيڪڙو رڪارڊ ٿي هئي. * قومي بچت ۾ 44.7 سيڪڙو جو اضافو ٿيو. گذريل سال دوران هي ڪاٽو 3.8 سيڪڙو رڪارڊ ٿي هئي. قومي بچت جي ڊي پي جو 12.6 سيڪڙو رهيو جيڪو گذريل مالي سال دوران 11.1 سيڪڙو هئي. * هلندڙ مالي سال جي پهرين 10 مهينن دوران مالياتي خسارو جي ڊي پي جو 4.6 سيڪڙو رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل مالي سال جي ان ??رصي دوران 4.9 سيڪڙو هو. * هلندڙ مالي سا?? جولاءِ کان مارچ ڪل محصولن ۾ 18.1 سيڪڙو رهيو ۽ هي وڌي 6938.2 ارب رپين تائين پهچي ويو جيڪو جي ڊي پي جو 8.2 سيڪڙو هو. گذريل مالي سال جي ان ??رصي دوران ڪل محصول 5874.2 ارب رڪارڊ ڪيو ويو هو، ملڪي ۽ بين الاقوامي سطح تي ڪيترن ئي معاشي مشڪلاتن باوجود ايف بي آر طرفان ٽيڪس روينيو ۾ 16.5 سيڪڙو جو اضافو ٿيو ۽ هي وڌي 5617.7 ارب رپين تائين پهچي ويو جيڪو گذريل مالي سال جي ان ??رصي دوران 4821.9 ارب رپيا هو. * جولاءِ کان مئي تائين موجوده مالي سال 23ع دوران ??راسري مهانگائي 29.2 سيڪڙو رهي جيڪو گذريل مالي سال جي ان ??رصي دوران 11.3 سيڪڙو هئي. * هلندڙ مالي سال جي پهرين 11 مهينن دوران واپاري خساري ۾ 4.4 سيڪڙو جي گهٽتائي ٿي ۽ هي گهٽ ٿي 25.8 ارب تي اچي ويو. گذريل سال جي ان ??رصي دوران واپاري خسارو 43.4 ارب ڊالر هو. * هلندڙ مالي سال جي پهرين 11 مهينن دوران ??مدني واپار ۾ 29.2 سيڪڙو جي گهٽتائي ٿي ۽ هي گهٽ ٿي 51.2 ارب ڊالر ٿي ويو جيڪو گذريل مالي سال جي ان ??رصي دوران ??مدني واپار جو ڳ??ڻيٽو 72.3 ارب ڊالر هو. * هلندڙ مالي سال جي پهرين 11 مهينن دوران ??وانگي واپار ۾ 12.1 سيڪڙو جي گهٽتائي ٿي ۽ هي گهٽ ٿي 25.4 ارب ڊالر تي اچي ويو، جيڪو گذريل مالي سال جي ان ??رصي دوران 28.9 ارب ڊالر هو. * جولاءِ کان ??پريل تائين مالي سال 23ع دوران ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ 76 سيڪڙو جي گهٽتائي ٿي ۽ هي گهٽ ٿي 3.3 ارب ڊالرن تي اچي ويو جيڪو جي ڊي پي جو تقريبن هڪ سيڪڙو آهي. * جولاءِ کان ??پريل مالي سال 2.23ع دوران پرڏيهه مان موڪليل ناڻو 13.0 سيڪڙو گهٽ ٿي 22.7 ارب ڊالرن جو ٿي ويو جيڪو گذريل مالي سال جي ان ??رصي دوران 26.1 ارب ڊالر هو. * گذريل مالي سال جي پهرين 10 مهينن دوران ??ير ملڪي پرڏيهي سيڙپڪاري 23.2 سيڪڙو جي گهٽتائي سان 1.17 ارب ڊالر رهي جيڪو گذريل مالي سال جي ان ??رصي دوران 1.52 ارب ڊالر هئي.