اسلام آباد – 10 مئي (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته ارڙهين ترميم ذريعي چونڊ عمل کي مضبوط بڻايو ويو، ارڙهين ترميم متعارف ٿيڻ ??ان اليڪشن ڪميشن کي بااختيار بڻايو ويو، پاڪستان ۾ چونڊون ڪرائڻ ۽ تاريخ جو اعلان اليڪشن ڪميشن جو اختيار آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن آئين پاڪستان جي گولڊن جوبلي جي سلسلي ۾ ٻن ڏينهن واري عالمي پارلياماني ڪنوينشن جي بريڪ آئوٽ سيشن کي خطاب ڪندي ڪيو. سيشن ۾ ”آئين ۽ عدالتون، آئين جي تشريح، حقن ۽ آزادين جو تحفظ“ جي موضوع تي بحث ٿيو. هن چيو ته ارڙهين ترميم ??ان فيڊريشن کي مضبوط بڻائڻ ??ان گڏوگڏ صوبن کي بااختيار بڻايو ويو، آئين س??اسي ۽ ٻين اهم معاملن ۾ ا??ان جي رهنمائي ڪري ٿو، پاڪستان ۾ اليڪشن ڪميشن کي هاءِ ڪورٽ جي برابر اختيار ڏنا ويا، هن اليڪشن ڪميشن جي ميمبرز/ڪمپوزيشن، سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي ۾ ميمبرن جي چونڊ جي طريقيڪار کان به شرڪت ڪندڙن کي آگاهه ڪيو. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي حڪومت اليڪٽورل ريفارمز جي حوالي ??ان بل متعارف ڪرايو جنهن ۾ اي ووٽنگ ۽ بايوميٽرڪ جي ذريعي ووٽ وجهڻ جي حوالي ??ان ترميمون شامل هيون. هن چيو ته اليڪٽورل ريفارم ۾ ڌانڌلي جي خدشن سبب مئي 2022ع ۾ اليڪٽورل ريفارم جي حوالي ??ان بل کي رد ڪري حقيقي بل کي ٻيهر عمل ۾ آندو ويو. 1976ع اليڪشن لا جي روح موجب چونڊون ڪرائڻ جو اختيار صرف اليڪشن ڪميشن وٽ هجڻ گهرجي. صدر يا ڪو ٻيو ان ۾ مداخلت نٿو ڪري سگهي. هن چيو ته چونڊن جي تاريخ جو تعين صرف اليڪشن ڪميشن جو اختيار هجڻ گهر??ي، ان حوالي ??ان ريفارمز جو معاملو هاڻي به قومي اسيمبلي وٽ آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ چونڊن جا انتظام ۽ چونڊون ڪرائڻ صرف اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آهي جيڪو قانون ۾ لکيل آهي. 12 جولاءِ 2023ع تي پنجاب ۽ ان جي ٻن ڏينهن کانپوءِ عمران خان ڪي پي اسيمبلي ٽوڙي. هن چيو ته اميد آهي ته انهن ٻن??ي ادارن هاڻي تاريخ ۾ سبق سکيو آهي، انهن ٻن??ي ادارن تي تنقيد به ٿيندي رهي آهي، عدالتون اليڪشن ڪميشن ۽ پارليامينٽ جي ڪارروائي ۽ ڪم ۾ مداخلت ڪنديون آهن، اهو آئين کان منهن موڙڻ جي برابر آهي. هن چيو ته 2018ع کان پهرين انهي ٻن??ي ادارن ايتري مداخلت اليڪشن ۾ نه ڪئي جيتري 2018ع کانپوءِ ڪئي آهي.