اسلام آباد – 05 – مئي (اي پي پي) وفاقي حڪومت معاشري جي سمورن طبقن خاص طور تي محروم طبقن سان تعلق رکندڙ ٻارن کي تعليم جا بهتر موقعا فراهم ڪرڻ ۽ اها سهولت انهن جي درن تائين پهچائڻ جي لاءِ ??نهنجي پهرين سال ۾ تعليمي شعبي ۾ ٽيڪنالاجي ۽ جدت رکندڙ منصوبا متعارف ڪرائڻ جي لاءِ اهم قدم کنيا آهن. وزيراعظم شهباز شريف مشڪل معاشي ح??لتن ۾ تعليمي لاڳت ۾ اضافي جي ڏس ۾ هن سال جي شروع ۾ ٻه جديد منصوبن ”اسڪولز آن ويلز“ ۽ ”پاڪستان ٽيلي اس??ول ايپ“ جي قيادت ڪئي. هن فيبروري ۾ پهرين مرحلي ۾ 8 بسن تي ٻڌل موبائيل اس??ولن جو منصوبو شروع ڪيو جيڪو اسلام آباد ۽ ڀرپاسي علائقن جي ٻارن کي پرائمري سطح جي تعليم فراهم ڪري رهيا آهن. گادي واري شهر جي مختلف جاين تي بيٺل اهي بسون ڪمپيوٽر، ڊيسڪ، وائٽ بورڊز، ايل سي ڊيز سان ليس آهن جيڪي استادن ۽ شاگردن کي مشغول ڪرڻ ۽ سيکارڻ جو ماحول فراهم ڪن ٿيون. وزيراعظم افتتاحي تقريب ۾ ٻارن کي قوم جي مستقبل جا معمار قرار ڏيندي ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته حڪومت نوجوان نسل کي وڌ کان وڌ تعليمي سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ ??سلسل ڪوششون ڪندي رهندي. حڪومت پاران موبائيل اس??ولن جو منصوبو خاص طور تي ڳوٺاڻن علائقن ۾ خواندگي جي شرح کي وڌائڻ جي لاءِ سخت ۽ مسلسل ڪوششن جو حصو آهي. اڳئين مرحلي ۾ بسن جو انگ وڌائڻ ۽ ان منصوبي کي آزاد ڪشمير سميت ملڪ جي ٻين حصن تائين واڌ ڏيڻ جو منصوبو آهي. ان منصوبي سان نظرانداز ٿيل ۽ محروم ڪميونٽيز جي ٻارن کي پڙهيل لکيل ۽ وڌيڪ تعيلم ۽ ٽيڪنيڪي مهارت حاصل ڪرڻ جي قابل بڻائڻ ۾ مدد ملندي. يونيسيف موجب پاڪستان ۾ 5 کان 16 سال جي عمر جا اٽڪل 22.8 ملين ٻار اس??ول نه وڃي رهيا آهن جيڪي ان عمر جي گروپ جي ڪل آبادي جو 44 سيڪڙو آهن ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي نئين مهارتن جي ذريعي انهن تائين تعليم کي پهچ جوڳو بڻائڻ جي سخت ضرورت آهي. وزيراعظم شهباز شريف ٻارن جي گهرن تائين تعليم پهچائڻ جي لاءِ ??ارچ ۾ وفاقي تعليم واري وزارت پاران تيار ڪيل پاڪستان ٽيلي اس??ول ايپ جي شروعات ڪ??ي ۽ ان جا حوصلي جوڳا نتيجا نڪتا آهن. رڳو هڪ هفتي ۾ ايپلي ڪيشن کي 10000 ڀيرا ڊائون لوڊ ڪيو ويو، 5500 جي داخلا ڪئي و??ي ۽ 310 شهرن ۾ 17000 وڊيوز ڏٺيون ويون. ان منصوبي جو مقصد پهرين ڪلاس کان ٻارهين ڪلاس تائين جي شاگردن کي آن لائين تعليم فراهم ڪرڻ آهي. ٻارن کي تعليم ڏيڻ جو هڪ ٻيو قدم کڻندي حڪومت 30 جون تائين اسلام آباد گادي واري شهر جي علائقي ۾ اس??ول کان ٻاهر 70000 ٻارن کي اس??ولن ۾ آڻڻ جي لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. ياد رهي ته شهباز شريف بطور پنجاب جي وڏي وزير پنهنجي دور ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪندڙ شاگردن ۾ ليپ ٽاپ ورهائڻ جي اس??م کي ڪاميابي سان عملي جامعو پارايو ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر وزيراعظم تعليمي ادارن ۾ نمايان ڪاميابي ح??صل ڪندڙ شاگردن ۾ 100000 ليپ ٽاپ ورهائڻ جو منصوبو ٺاهيو آهي ڇو ته هو ان ڳالهه تي پڪو يقين رکي ٿو ته نوجوانن کي انفارميشن ٽيڪنالاجي جون جديد مهارتون ڏيڻ سکڻ جو رستو آهي. گذريل سال گرمي جي موسم ۾ پاڪستان ۾ موسمياتي تبديلين جي ڪري ايندڙ غيرمعمولي ٻوڏ تباهي مچائي و??ي ۽ ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ 33 ملين ماڻهو متاثر ٿيا هئا. ٻوڏ بلوچستان ۾ اس??ولن سميت اهم انفراسٽرڪچر کي تباهه ڪري ڇڏيو ۽ اس??ولن کي ٻيهر کولڻ جي فوري ضرورت کي نظر ۾ رکندي وزيراعظم رهنمائي فراهم ڪ??ي ۽ جنوري ۾ بلوچستان جي علائقي صحبت پور ۾ هڪ سمارٽ اس??ول جو افتتاح ڪيو. ٻن مهينن جي رڪارڊ مدي ۾ ٺاهيل اهو اس??ول جديد ترين آءِ ??ي سهولتن سان ليس آهي. هن انهي علائقي ۾ ٻوڏ کان متاثر گورنمينٽ بوائز سيڪنڊري اس??ول ڪلي جيا خان جي نئين عمارت جو پڻ ٻيهر افتتاح ڪيو. وفاقي حڪومت جي انهن اهم قدمن سان خاص طور تي معاشري جي ڪمزور طبقن تائين تعليم جي آسان ۽ بهتر پهچ کي يقيني بڻايو پيو وڃي.