اسلام آباد – 22 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان بلوچستان جي گورنر عبدالولي ڪاڪڙ گورنر هائوس ڪوئيٽا ۾ ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ بلوچستان جي گورنر وزيراعظم جي بلوچستان جي ترقي ۾ خصوصي دلچسپي تي خراج تحسين پيش ڪيو. بلوچستان جي گورنر وزيراعظم کي صوبي ۾ جاري ترقياتي منصوبن ?? امن امان جي صورتحال جي حوال?? سان تفصيلي طور تي آگ??هه ڪيو.