اسلام آباد – 17 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ??ير??ن جو صدر سيد ابراهيم رئيسي سڀاڻي خميس 18 مئي تي مند پشين بارڊر ڪراسنگ پوائنٽ تي مند – پشين بارڊر سسٽينينس مارڪيٽ پليس ۽ پولان – گبد بجلي ٽرانسميشن لائين جو گڏيل طور تي افتتاح ڪندا. پاڪ ??ير??ن گڏيل سرحد سان گڏ تعمير ڪئي ويندڙ 6 سرحدي مارڪيٽن مان هڪ مند – پشين بارڊر سسٽينينس مارڪيٽ پليس سرحد پار واپار کي وڌائڻ، اق??صادي ترقي کي فروغ ڏيڻ ۽ مقامي ڪاروبار جي لاءِ موقعن جون نيون راهون کولڻ ج?? لاءِ هڪ فروغ پذير پليٽ فارم فراهم ڪندي. اهڙي طرح پولان – گبد اليڪٽرسٽي ٽرانسميشن لائين ??ير??ن کان 100 ميگاواٽ اضافي بجلي آڻي خاندانن ۽ ڪاروباري ادارن سميت خطي جي توانائي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب گڏيل افتتاح ترتيبوار پاڙِسري صوبن بلوچستان ?? سيستان ?? بلوچستان جي رهواسين جي ڀلائي لاءِ پاڪستان ?? ??ير??ن جي مضبوط عزم جو مظهر آهي. اهو قدم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن ۾ هڪ اهم اڳڀرائي طور تي پڻ ڪم ڪري ٿو.