اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عمان جي سلطان هيثم بن طارق بن تيمور آل ??عيد سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ کيس عيدالفطر جي خوشي جي موقعي تي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف عمان جي سلطان هيثم بن تيمور آل ??عيد کي ٽيليفون ڪيو ۽ عيدالفطر جي خوشي جي موقعي تي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم پاڪستان ۽ عمان جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن، ??اص طور تي اسٽريٽجڪ، اقتصادي ۽ واپاري شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي حوالي سان بي پناهه امڪانن کي اجاگر ڪي??. ٻ??هي ملڪن جي وچ ۾ تاريخي ڀائراڻن لاڳاپن جو ذڪر ڪندي هن ٻنهي سامونڊي پاڙيسرين جي وچ ۾ اداراجاتي ۽ اقتصادي رابطن کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. عمان جي سلطان وزيراعظم جي عيد جي مبارڪباد جو گرمجوشي سان جواب ڏنو ۽ پاڪستاني عوام جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪي??. ٻ??هي اڳواڻن گڏيل مقصدن ۽ ٻنهي ملڪن جي عوام جي ترقي ۽ خوشحال جي لاءِ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.