اسلام آباد – 26 – اپريل (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو آهي ته سوڊان مان پاڪستاني شهرين کي ڪڍڻ جي پروگرام تحت وڌيڪ 200 پاڪستانين جو قافلو حفاظت سان سوڊان پورٽ تي په??ي ويو آهي. هڪ ٽوئيٽ ۾ ترجمان چيو ته سوڊان مان پاڪستاني شهرين کي ڪڍڻ جو منصوبو جاري آه??، ان سلسلي ۾ سوڊان ۾ پاڪستاني سفارتخانو پورٽ سوڊان ۾ په??ندڙ 200 پاڪستانين جي رهائش ۽ سوڊان مان انهن جي حتمي وطن واپسي جا انتظام ڪيا آهن. ان کان اڳ سوڊان پورٽ مان 37 پاڪستاني شهرين کي سامونڊي جهاز ذريعي جده په??ايو ويو هو. جده ۾ قونصل جنرل خالد مجيد پاڪستانين شهرين جو استقبال ??يو ۽ چيو ته اسان سوڊان مان پاڪستاني شهرين کي ڪڍڻ جي سلسلي ۾ سعودي عرب جي تعاون ۽ مهمان نوازي تي ٿورائتا آهيون.