ڪراچي – 14 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان پيپلز??ار??ي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ??ار??ي جي چڪوال جي سينيئر اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي ??ي اڳوڻي ميمبر ملڪ جبار احمد چله جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. بلاول هائوس ميڊيا سيل پاران جاري بيان موجب بلاول ڀٽو زرداري تعزيتي پيغام ۾ ملڪ جبار احمد چله جي سوڳو??ر خاندان سان دلي ??عزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته ملڪ جبار احمد چله جون ??ار??ي جي لاءِ خدمتون ڪڏهن به وساري نٿيُون سگهجن. هن مرحوم جي لاءِ جنت الفردوس ۽ پونئيرن جي لاءِ صبر جميل جي دعا پڻ ڪئي.