اسلام آباد – 23 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ملڪ جو آئين ۽ قانون هڪ شيطان جي مرضي سان ن?? ٿو هلي سگهي، هو جڏهن چاهي آئين ٽوڙي جڏهن چاهي اسيمبلي ٽوڙي ۽ جڏهن چاهي پوليس وارن جا مٿا ڦاڙي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته ملڪ جو آئين ۽ قانون ائين ن?? ٿو هلي سگهي، جڏهن چاهي هو اليڪشن ڪم??شن تي حملو ڪري، عدالت تي حملي آور ٿئي ۽ جڏهن چاهي چونڊون ٿين، هو جيڪو چاهي فيصلو ٿئي، جيڪو چاهي فيصلو اچي.