اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سعودي ع??ب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان السعود سان ٽيليفونڪ ڳالهه ??ولهه ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سعودي ع??ب ۽ ايران جي وچ م لاڳاپن کي معمول تي آڻڻ بابت تازي ”ٽه ڌريي گڏيل بيان“ جي ذريعي اعلان تي سعودي پرڏيهي وزير کي مبارڪباد ڏني ۽ ان مثبت اڳڀرائي تي سعودي ع??ب جي قيادت کي ساراهيو. پرڏيهي وزير چيو ته اهو معاهدو پوري خطي ۾ امن، سلامتي، واپار ۽ ترقي جي لاءِ بامعنيٰ ڳالهين جي شروعات جي راهه ??موار ڪندو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستان ۽ سعودي ع??ب جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن کي ورجائيندي ٻطرفي اسٽريٽجڪ حصيداري کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ ۽ متنوع بڻائڻ جي لاءِ پنهنجي گڏيل عزم کي ورجايو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستان ۽ سعودي ع??ب جي وچ ۾ لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ اعليٰ سطح جي مٽاسٽا جي اهم ڪردار تي پڻ زور ڏنو.